اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) واپار واري وزارت تحت اي ڊي ايف فنڊڊ منصوبا نيشنل ڪمپلائنس سينٽر لاءِ نيشنل ڪمپلائنس ايڊوائيزري ڪائونسل جو پهريون اجلاس واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رانا احسان به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ واپار واري وزارت جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنرل اين سي سي جي مول متن ۽ مقصد تي روشني وڌي جڏهن ته هيڊ آف ڪمپلائنس ڊاڪٽر نبيل امين اداري جي اڳڀرائي ايندڙ رٿابندي مستقبل جي روڊ ميپ ۽ منظوريءَ لاءِ ايجنڊا پيش ڪئي. بريفنگ ۾ پاڪستان جي روانگي واپار جي چٽاڀيٽي کي بهتر بنائڻ جي اهم ضرورتن ۽ گهرجن کي اجاگر ڪيو ويو. خاص طور تي ننڍن ۽ وچولي درجي جي ادارن ۽ شين جي سطح تي عالمي گهرجن سان هم آهنگي کي يقيني بنائڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. اجلاس ۾ اين سي سي، اين سي اي سي جي دائره ڪار ۽ مينڊيٽ جي منظوري ڏني وئي ۽ اداري جي تيار ڪيل حڪمت عمليءَ جي توثيق ڪئي وئي. ميمبرن اين سي سي جي هن وقت تائين جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو ۽ مستقبل ۾ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير اين سي سي جي ڪوششن ۽ اڳڀرائي کي ساراهيو ۽ اداري جي صوبن تائين واڌ لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي.