اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم جزوي جهڙالي رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته مٿانهين خيبر پختونخوا، ڏکڻ بلوچستان، ڏکڻ اولهه سنڌ ۽ ڪشمير ۾ تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان وڌيڪ برسات، جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي تيز برسات به ٿي سگهي ٿي. موسميات کاتي موجب اڱاري ڏينهن ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي جڏهن ته ڏکڻ اوڀر سنڌ ۾ ڪجهه هنڌن تي تيز هوائن/ طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته ٻنپهرن کانپوءِ ڪشمير ۾ تيز هوائن/ طوفان ۽ گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم گرم ۽ خشڪ رهي، جڏهن ته خيبر پختونخوا، اپر سنڌ، اتر اوڀر بلوچستان ۽ ڪشمير ڪجهه هنڌن تي طوفان/ جهڪ ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي. سومر ڏينهن رڪارڊ ڪيل وڌ ۾ وڌ گرمي پد تربت ۾ 45، نوڪنڊي، دالبندين ۾ 40 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.