اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي، گهري ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جي اشتعال انگيز رويي جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ موجوده ڇڪتاڻ تي پاڪستان کي سخت ڳڻتي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم ايران جي شهر بندر عباس ۾ ٿيندڙ افسوسناڪ ڌماڪي جي نتيجي ۾ قيمتي جانين جي زيان ۽ سوين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي ايراني پرڏيهي وزير سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن پنهنجي پيارن کي وڃائيندڙن جي لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي.
وزيراعظم ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي ۽ صدر مسعود پيز شڪيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي تاريخي، گهري ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. صدر پيز شڪيان سان پنهنجي ڪيترين ئي ملاقاتن ۽ تازي ٽيليفون ڪال کي ياد ڪندي وزيراعظم پاڪستان ايران ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ واپار، توانائي، سرحدي انتظام ۽ علائقائي رابطن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جي اشتعال انگيز رويي جي نتيجي ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ موجوده ڇڪتاڻ تي پاڪستان جي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن بنا ڪنهن ثبوت جي پاڪستان کي واقعي سان ڳنڍڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي واضح طور تي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان آڇ ڪئي آهي ته پهلگام واقعي جي پٺيان لڪل حقيقتن جو پتو لڳائڻ جي لاءِ عالمي شفاف، غيرجانبداراڻي ۽ معتبر جاچ ڪرائي وڃي. هن چيو ته ان سموري صورتحال ۾ پاڪستان انتهائي ذميواري کان ڪم ورتو آهي جڏهن ته ٻئي طرف ڀارت ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار تان دنيا جو ڌيان هٽائڻ جي لاءِ ميڊيا جي ذريعي پروپئگنڊه شروع ڪري رکي آهي جيڪا ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب آهي. هن ان ڳالهه تي پڻ زور ڏنو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ ۽ ان کي پاڻي جارحيت جي طور تي استعمال ڪرڻ ناقابل قبول آهي ڇو ته پاڻي پاڪستاني عوام جي لاءِ ريڊ لائين جي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ ايران سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پرڏيهي وزير عراقچي ايراني قيادت پاران وزيراعظم کي مبارڪباد وارو پيغام پهچايو ۽ پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ ايران جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن صدر پيز شڪيان پاران وزيراعظم کي هن سال دوران ايران جو سرڪاري دورو ڪرڻ جي دعوت جو پڻ ورجاءُ ڪيو.