اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ 8 مئي تائين معمول جي ايجنڊا معطل ڪرڻ جي رٿ منظور ڪري ورتي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي شروعات ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته هن وقت پاڪستان کي قومي يڪجهتي جي ضرورت آهي. قانون واري وزير معمول جا ايجنڊا 5 کان 8 مئي تائين معطل ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.