اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان جاپان جي سفير سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ به طرفي واپاري لاڳاپن کي مضبوط بنائڻ ۽ ڊگهي عرصي کان موجود ٽيرف بابت مسئلن جي حل تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. واپار واري وزير تجويز ڏني ته پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ لاءِ خصوصي بزنس فورم جو بندوبست ڪيو وڃي. ڄام ڪمال خان چيو ته جاپان کي پاڪستان جي روانگي واپار ۾ فوري واڌ ضروري آهي ڇاڪاڻ ته هي وڏي عرصي کان جمود جو شڪار آهن. هن چيو ته مالي سال 24-2023ع دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري ڳاڻيٽو 1.33 ارب ڊالر رهيو جنهن ۾ پاڪستان جي روانگي واپار صرف 19 ڪروڙ 40 لک ڊالر، جڏهن ته جاپان مان آمدني واپار 1.137 ارب ڊالر هو. ملاقات ۾ واپار واري سيڪريٽري جواد فال جاپان سان ترجيحي واپاري معاهدي جي ضرورت تي زور ڀريو ته جيئن منصفاڻي، چٽاڀيٽي واري متوازن ٽيرف کي يقيني بنائي سگهجي. هن نشاندهي ڪئي ته پاڪستاني شين کي جاپاني مارڪيٽ ۾ بلند ٽيرف رڪاوٽون آڏو آهن جنهن سان انهن جي چٽاڀيٽي واري صلاحيت متاثر ٿي رهي آهي. جاپان جي جنرلائزڊ سسٽم آف پريفرنسز تحت پاڪستان جي ٽيڪسٽائل شين تي سراسري 5.36 سيڪڙو، جڏهن ته چمڙي جي شين ۾ ٽيرف ريٽ ڪوٽا تحت سراسري 16 سيڪڙو ڊيوٽي لاڳو آهي. جاپاني سفير بزنس فورم جي تجويز جي آجيان ڪئي ۽ پاڪستاني روانگي واپار کي درپيش بلند ٽيرف بابت خدشن کي تسليم ڪندي يقين ڏياريو ته سندن مسئلا حل ڪيا ويندا. واپار واري وزير ڪاروباري سفر کي آسان بنائڻ لاءِ ڪيترائي ڀيرا داخلا وارن ويزائن جي اهميت تي زور ڀريو ۽ جاپاني سيڙپڪارن کي پاڪستان جي ٽيڪسٽائل، چمڙي، سرجيڪل، سامونڊي خوراڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاريءَ جي دعوت ڏني. هن ٻُڌايو ته اوساڪا ايڪسپو 2025ع ۾ پاڪستان جي ٽائيپ سي پويلين کي سڄي دنيا مان آيل سيڙپڪارن خوب ساراهيو. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جلد جاپاني سفير ۽ جاپاني ڪمپنين جي نمائندن سان ملاقات جي ميزباني ڪندو ته جيئن واپاري ۽ سيڙپڪاريءَ جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ڪري سگهجي ۽ گڏيل اقتصادي تعاون کي هٿي ڏئي سگهجي.