اسلام آباد-05 مئي (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو ۽ محفوظ ڪيل فيصلو هلندڙ هفتي ٻُڌايو ويندو. سپريم ڪورٽ جي جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ 7 رڪني آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف بچاءَ واري وزارت جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻُڌڻي ڪئي. بينچ ۾ جسٽس جمال خان مندوخيل، جسٽس مسرت هلالي، جسٽس محمدعلي مظهر، جسٽس حسن اظهر رضوي، جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شاهد بلال حسن شامل هئا. ٻُڌڻيءَ دوران اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پنهنجا دليل جاري رکندي چيو ته 9 مئي تي جيڪو ڪجهه ٿيو، پهريان ان تي ڪجهه ڳالهائيندس، سوچيل سمجهيل منصوبي تحت فوجي ٺڪاڻن تي حملو ڪيو ويو، 9 مئي تي منجهند 3 وڳي کان شام تائين مجموعي طور 39 هنڌن تي حملو ڪيو ويو، هن ملڪ ۾ وزيراعظم کي ڦاهي ڏني وئي پر پوءِ به اهڙو احتجاج نه ٿيو، ماضيءَ ۾ ڪنهن سياسي پارٽي فوجي ٺڪاڻن تي حملا نه ڪيا هئا، جمهوريت جي بحالي جي تحريڪ ۾ سڀني پارٽين تي پابندي هئي، ايم آر ڊي جي سموري قيادت قيد هئي، اصغر خان ساڍا ٽي سال نظربند رهيو، ان دوران به 9 مئي جهڙو قدم نه کنيو ويو، اٽارني جنرل چيو ته 9 مئي تي ري ايڪشن ۾ به جيڪڏهن اهو ٿيو ته ان جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي، اسان جو ملڪ هڪ عام ملڪ ناهي، جيوگرافي سبب اسان کي ڪافي خطرا درپيش آهن. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته هي سوال ته اسان آڏو آهي ئي نه ته ڏوهه ناهي ٿيو، اوهان اپيل طرف اچو، اپيل جو ٻُڌايو. اٽارني جنرل چيو ته هي سوال نه به موجود هجي ان تي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي. اٽارني جنرل دليل جاري رکندي چيو ته جناح هائوس حملي ۾ ڪوتاهي ڪندڙن تي فوج محڪماڻي ڪارروائي ڪئي، 3 اعليٰ آفيسرن کي بنا پينشن ۽ رعايتن جي رٽائرڊ ڪيو ويو، بنا پينشن رٽارئرڊ ٿيندڙن ۾ هڪ ليفٽيننٽ جنرل، هڪ برگيڊيئر ۽ هڪ ليفٽيننٽ ڪرنل شامل آهن. 14 آفيسرن جي ڪارڪردگيءَ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، جنهن جو مطلب آهي ته کين وڌيڪ ڪابه ترقي نٿي ملي سگهي. جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇا ڪئي ته ڇا فوج ڪنهن آفيسر خلاف فوجداري ڪارروائي به ڪئي؟ اٽارني جنرل چيو ته فوجداري ڪارروائي تڏهن ٿئي ها جڏهن ڏوهه ڪيو هجي ها، محڪماڻي ڪارروائي 9 مئي جي واقعي کي نه روڪڻ تي ڪئي وئي. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته آرمي ايڪٽ واضح آهي ته محڪماڻي ڪارروائي سان فوجداري سزا به نه هوندي. اٽارني جنرل چيو ته پنجاب ۾ 23، ڪي پي ۾ 8، سنڌ 7 ۽ بلوچستان ۾ هڪ واقعو ٿيو. جي ايڇ ڪيو، لاهور ايئربيس، ميانوالي، آءِ ايس آءِ جي آفيس تي حملا ٿيا، 9 مئي جا سمورا واقعا اتفاقي نه هئا. جسٽس حسن اظهر رضوي ريمارڪس ڏنا ته ڀٽو جي ڦاسيءَ وقت ماڻهو گرفتاريون ڏيندا هئا، ماڻهن پاڻ کي باهه به لڳائي، ڪنهن ان وقت ملڪيتن کي باهه نه لڳائي. اٽارني جنرل مؤقف اختيار ڪيو ته منهنجي والد سياسي ڪارڪن طور پاڻ به ڪيس ڀوڳيا، ڪڏهن ڪنهن جي ذهن ۾ نه آيو ته پبلڪ پراپرٽيءَ کي ساڙي پراپرٽي کي نقصان پهچايون. جسٽس جمال خان مندوخيل پُڇاڻو ڪيو ته ڇا 9 مئي تي جيڪو ٿيو ڏوهه جي نيت سان ئي ٿيو؟ ڇا نيت احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي هئي يا حملي ڪرڻ جي؟ ٿي سگهي ٿو نيت احتجاج جي هجي پر معاملو حد کان وڌي ويو، پر معاملو حد کان نه وڌڻ گهرجي ها. اٽارني جنرل مؤقف اختيار ڪيو ته 9 مئي تي جيڪو ٿيو اهو ڏوهه ئي هو. جسٽس نعيم اختر افغان ريمارڪس ڏنا ته بنا پينشن رٽائرڊ ٿيل ڪور ڪمانڊر لاهور هو؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته جي، ڪور ڪمانڊر لاهور کي ئي بنا پينشن رٽائرڊ ڪيو ويو. جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ملڪ جي مستقبل لاءِ اسان سوال پُڇي رهيا آهيون. جسٽس مسرت هلالي ريمارڪس ڏنا ته اسان کي به پنهنجي پياري ملڪ جي مستقبل جي ڳڻتي آهي، آرمي ايڪٽ ۾ ڪيترا ڀيرا ترميم ٿي آهي؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ڪيترائي ڀيرا آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ٿي چڪي آهي. اٽارني جنرل چيو ته فوجي عدالتن جي سزائن خلاف اپيلون دائر ٿي چڪيون آهن. هن وقت 86 جوابدار اپيلون ڪري چڪا، باقي کي اپيل دائر ڪرڻ جي وقت ۾ رعايت ڏينداسين. بعد ۾ آئيني بينچ فوجي عدالتن ۾ سويلينز جو ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ جي فيصلي خلاف اپيلن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس امين الدين خان چيو ته محفوظ ٿيل فيصلو هلندڙ هفتي ئي ٻُڌايو ويندو.