ڪراچي-05 مئي (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڪستاني باڪسر عثمان وزير کي بينڪاڪ ۾ ڀارتي باڪسر تي تازو حاصل ڪيل فتح تي کيس واڌايون ڏيندي چيو آهي ته عثمان وزير ويلٽر ويٽ ڪيٽيگري جو باڪسر آهي. هن پهرين رائونڊ ۾ ڀارتي باڪسر کي ناڪ آئوٽ ڪري شاندار فتح ماڻي آهي۔ اهڙو اظهار هن وزيراعليٰ هائوس ۾ پاڪستاني باڪسر عثمان وزير سان ملاقات دوران ڪيو۔وڏي وزير هن ڪاميابي کي “ڀارت جي جنگي جنون دوران پاڪستان جي پهرين وڏي راندين جي ڪاميابي” قرار ڏنو. هن عثمان وزير جي ڪاميابي کي قومي فخر جو لمحو سڏيندي سنڌ حڪومت پاران مڪمل سهڪار جو اعلان ڪيو. سيد مراد علي شاهه چيو ته عثمان وزير کي ورلڊ اوپن چيمپئين شپ ۾ موڪليو ويندو ته جيئن سندس عالمي رينڪنگ ۾ بهتري اچي. هن مالي مدد ۽ جديد تربيت جون سهولتون ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.ان موقعي تي وڏي وزير کي عثمان وزير اهي باڪسنگ دستانا پيش ڪيا جن سان هن ڀارتي باڪسر کي شڪست ڏني هئي. وڏي وزير انهن دستانن کي پھري “پنچ جو ايڪشن” ڪري خوشيءَ جو اظهار ڪيو.وڏي وزير چيو ته مان توھان جي محنت ۽ فتح تي فخر محسوس ڪريان ٿو. اھا توھان جي لڳاتار 16هين ڪاميابي آهي جيڪا ملڪ ۽ قوم لاءِ فخر جوڳي آهي. هن راندين واري وزير کي هدايت ڪئي ته عثمان وزير کي عالمي معيار جي تربيت فراهم ڪئي وڃي ۽ حڪومت جي مڪمل مدد جاري رکي وڃي.