ڪراچي-05 مئي (اي پي پي)سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي پاڪستان جي فوج، سائنسدانن ۽ عملي کي واڌايون ڏنيون آھن. گورنر سنڌ پنھنجي بيان ۾ چيو آھي ته فتح ميزائيل جي ڪامياب تجربي سان ملڪي دفاع فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻجي ويو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته ميزائيل تجربو پاڪستاني سائنسدانن ۽ انجنيئرن جي رات ڏينھن جي محنت جو ثمر آھي. ھن چيو ته قوم کي پنھنجي ھٿياربند فوج تي فخر آھي.