ڪراچي-5 مئي (اي پي پي)سنڌ مان سينيٽ جي خالي سيٽ تي ضمني چونڊن لاءِ پولنگ 6 مئي تي ٿيندي، ان ڏس ۾ سنڌ اسيمبلي کي پولنگ اسٽيشن ڊڪليئر ڪيو ويو آھي. پولنگ جو عمل صبح جو 9 وڳي کان شام جو 4 وڳي تائين بنا ڪنھن وقفي جي جاري رھندو، پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز مان سيد وقار مھدي جڏھن ته ايم ڪيو ايم پاڪستان مان نگھت مرزا اميدوار آھن. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ/ ان چونڊ لاءِ مقرر ڪيل رٽرننگ آفيسر اعجاز انور چوھاڻ پولنگ آفيسرن سان گڏجي سنڌ اسيمبلي بلڊنگ جو دورو ڪيو ۽ سيڪريٽري سنڌ اسيمبلي سان گڏجي پولنگ اسٽيشن تي سڀني چونڊ انتظامن جو جائزو ورتو. ھن انتظامن تي اطمينان جو اظھار ڪندي چيو تهھ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ضمني چونڊن لاءِ سڀ تياريون مڪمل ڪري ورتيون آھن. ھن چيو ته پولنگ عمل کي شفاف ،منصفاڻُو ۽ پرامن بڻائڻ لاءِ سڀ ضروري قدم کنيا ويا آھن.لاڳاپيل عملي کي ضروري ھدايتون جاري ڪيون ويون آھن. واضح رهي ته سنڌ صوبي مان سينيٽ جي جنرل سيٽ پيپلزپارٽي جي سينيٽر تاج حيدر جي لاڏاڻي بعد خالي ٿي ھئي.