ملتان-05 مئي (اي پي پي)وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان چيو آهي ته سپهه سالار حافظ جنرل عاصم منير پاڪستان جي حفاظت لاءِ سرحدن تي پنهنجي سپاهين سان موجود آهي، وطنِ عزيز جي دفاع لاءِ پوري قوم پنهنجي پاڪ فوج سان گڏ آهي. پاڪستان ڪمزور ملڪ ناهي، پنهنجي بچاءُ جو حق رکي ٿو ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ ڪرڻ خوب ڄاڻي ٿو. اهڙو اظهار هن بهاءُ الدين زڪريا يونيورسٽيءَ ۾ پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام تحت “Consultation on National Adolescence and Youth policy” جي عنوان سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني معيشت ٻيهر پنهنجي پيرن تي بيٺي آهي ۽ دنيا پاڪستان طرف راغب ٿي آهي ته ملڪ ۾ ٻيهر دهشتگرديءَ جو بازار گرم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، دهشتگردي ذريعي سيڙپڪاري روڪڻ جو منصوبو ناڪام ٿيو ته ڀارت پهلگام جو ڪوڙو ڊرامو رچائي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڪستان خلاف ڀارت پروپيگنڊا عالمي سطح تي ناڪام ٿي. راڻا مشهود احمد وڌيڪ چيو ته پاڪستان ترقيءَ جي سفر تي هلي پيو آهي ۽ اسان کي اهڙا حربا ڪرڻ جي ضرورت ناهي اسان ڀارت جو ڪوڙو ان جي مُنهن تي هنيو پاڪستان خلاف ڀارتي سازشون ناڪام ٿيون. هن چيو ته ڀارت پاڪستان جو پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني ۽ پاڪستان جو پاڻي بند ڪيو ته اسان دنيا کي ٻُڌايو ته ڀارت ڪڏهن به گڏيل قومن جي قراردادن جو خيال نه ڪيو. پاڪستان ايٽمي طاقت آهي پاڪستان پاڻي روڪڻ جي ڌمڪيءَ جو جواب ڏيڻ ڄاڻي ٿو پاڪستان ڪمزور ملڪ ناهي اسان پنهنجي بچاءَ جو حق رکون ٿا ۽ پنهنجي حقن جو تحفظ ڪرڻ ڄاڻون ٿا. هن چيو ته عالمي ادارا فلسطين تي اسرائيلي ظلم تي خاموش آهن ڀارت ۾ مسلمانن سميت اقليتن لاءِ زمين تنگ ڪئي وئي فلسطين ۽ ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ مسلمانن سميت اقليتن تي جاري ظلمن تي عالمي برادريءَ جي خاموشي مذمت جوڳي آهي. هن چيو ته اڄ پاڪستان تي جنگ جا ڪڪر ڇانيل آهن، پاڪ فوج جو سپهه سالار حافظ جنرل عاصم منير پاڪستان جي حفاظت لاءِ سرحد تي پنهنجي ساٿين سان موجود آهي. وطن عزيز جي بچاءُ لاءِ پوري قوم پنهنجي فوج سان گڏ بيٺل آهي. قومي سلامتي ۽ وطن عزيز جي بچاءُ لاءِ پاڪستان جي فورسز سياستدان ۽ عوام هڪ پيج تي آهن. راڻا مشهود احمد چيو ته اسان جا نوجوان پاڪستان جو اثاثو آهن، نوجوان نسل اندر اڳتي وڌڻ جي جستجو جو هجڻ لازمي آهي هر ميدان ۾ نوجوان نسل کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ڏيڻ گهرجن. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي قيادت ماضي ۾ پنجاب يوٿ پاليسي ٺاهي اسان پنجاب يوٿ پاليسيءَ ۾ تعليم کي سڀ کان وڌيڪ اهميت ڏني اسان ڏکڻ پنجاب سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن لاءِ يونيورسٽيون ٺاهيون اسان 2011ع ۾ ٽيڪنيڪل ايجوڪيشن کي هٿي ڏني اسان 2011ع ۾ پنجاب ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ ذريعي ٻارن کي اسڪالرشپس ڏيڻ شروع ڪيا جنهن مان لکين ٻار فائدو حاصل ڪري چڪا آهن، اسان پنجاب ۾ نوجوانن کي ليپ ٽاپ ڏنا ۽ پنجاب ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ مان پڙهي اڄ لکين ٻار دنيا ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪري رهيا آهن.