اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان ايران جي پرڏيهي وزير سيد عباس عراقچي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ مضبوط پاڪستان ايران لاڳاپن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ واپاري، توانائي ۽ رابطن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هنن ڏکڻ ايشيا جي اڀرندڙ صورتحال ۽ آمريڪا ايران ڳالهه ٻولهه تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مشڪل مسئلن کي سفارتڪاري ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. ان سلسلي ۾ هنن هڪ ٻئي جي تعميري سفارتي ڪوششن کي ساراهيو جيڪي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ انهن جي گڏيل عزم جو اظهار آهي. هنن پاڪ ايران لاڳاپن ۾ مضبوط رفتار برقرار رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو جنهن ۾ قيادت جي سطح تي ملاقاتن جي وڌندڙ انگ کي برقرار رکڻ پڻ شامل آهي.