ماسڪو -05 مئي (اي پي پي) روس ۾ مقرر پاڪستان جي سفير محمد خالد جمالي چيو آهي، ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي بنيادي سببن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪشميرين جي خوداراديت واري حق کي يقيني بڻائي. پرڏيهي خابرو اداري کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ پاڪستان جي سفير چيو ته عالمي برادري ڪشميرين کي خوداراديت وارو حق ڏيڻ جو جيڪو وعدو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي منظور ڪيل ڪيترن ٺهرائن ۾ ڪري رکيو آهي ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. هن چيو ته ڪشميرين کي اهو حق ڏيڻ کان انڪار ئي ڪشمير مسئلي جو اصل سبب آهي ۽ خطي ۾ پائيدار ۽ مستقل امن لاءِ ان مسئلي کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. پهلگام واقعي جي جاچ جي حوالي سان هڪ سوال جي جواب ۾ پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان کي ان واقعي جي غيرجانبداراڻي جاچ ۾ روس سميت ڪنهن جي به شامل ٿيڻ تي ڪو اعتراض ناهي. پاڪستان چاهي ٿو ته ان واقعي جي جاچ ڪئي وڃي ۽ الزام تراشي واري راند بند ٿيڻ گهرجي. پاڪستاني سفير ياد ڏياريو ته ماضي ۾ اهڙا واقعا ٿيندا رهيا آهن ۽ ڀارت طرفان مسئلي جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ کانسواءِ پاڪستان کي ان جو ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي. پاڪستاني سفير چيو ته يوڪرين ۾ خصوصي فوجي آپريشن جي سلسلي ۾ روس پڻ هميشه مسئلي جي بنيادي سببن کي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. ڇاڪاڻ ته جڏهن سياسي تڪرار ڊگهي عرصي تائين حل ناهن ڪيا ويندا ته ناراضگي پيدا ٿيندي آهي ۽ اهڙا واقعا رونما ٿيڻ جا امڪان هوندا آهن. هن چيو ته اهڙا واقعا ٿيڻ کان پوءِ انهن جي جاچ ۽ اصل سببن کي ختم ڪرڻ بجاءِ ڪنهن تي الزام لڳائڻ ۽ ان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ هميشه آسان هوندو آهي. پاڪستاني سفير چيو ته پاڪستان ڀارت سان ان مسئلي جي حل لاءِ روس جي حڪومت سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي. هن چيو ته اسان اڳ ئي روس جي پرڏيهي وزارت سان رابطي ۾ آهيون. گذريل سال آستانه ۾ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ روس جي صدر ولادي مير پيوٽن جي ملاقات کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ وفدن جي مٽاسٽا ٿي. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت ان جي تفصيلن ۾ وڃڻ جي ضرورت ناهي پر اهو ٻڌائڻ ڪافي ٿيندو ته صرف گذريل مهيني دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ اعليٰ سطح جي وفدن جا چار دور ٿيا آهن. پاڪستاني سفير چيو ته روس جي اختيارين سان مشاورت ۾ ڪا به دير ناهي ٿي ۽ اسان سمجهون ٿا ته روس عالمي سياست ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستاني سفير چيو ته هن وقت پاڪستان ۽ روس وچ ۾ سٺا لاڳاپا موجود آهن ۽ اسان جي وچ ۾ ڪيترن ئي معاملن تي مشاورت جاري آهي. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ پاڪستاني سفير چيو ته روس جي حڪومت ماسڪو ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي خاطر خواهه سيڪيورٽي فراهم ڪئي آهي. هن چيو ته روس جو عوام تمام گهڻو مهمان نواز آهي، اسان سفارتخاني لاءِ سندن انتظامن مان مطمئن آهيون ۽ روس جا عملدار اسان کي ويانا ڪنوينشن موجب خاطر خواه سيڪيورٽي فراهم ڪري رهيا آهن. واضح رهي ته 22 اپريل تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ هٿياربندن جي سياحن تي ٿيل فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ نيپالي شهري سميت 26 ماڻهو ماريا ويا هئا جنهن جو الزام ڪجهه منٽن اندر پاڪستان مٿان لڳايو ويو هو. ڀارت وڌيڪ قدم کڻندي اسلام آباد ۾ پنهنجي سفارتخاني جي عملي جي تعداد ۾ گهٽتائي آندي، واهگه بارڊر تان اچ وڃ بند ڪري ڇڏي، سنڌ طاس معاهدو رد ڪيو ۽ پاڪستاني شهرين کي ويزائون جاري ڪرڻ بند ڪري ڇڏيون آهن.