نئين دهلي -05 مئي (اي پي پي) ڀارت ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف انڊيا-مارڪسٽ تازو ئي والاريل ڄمون ڪشمير جي علائقي پهلگام ۾ سياحن تي حملي کان پوءِ مسلمانن ۽ خاص طور تي ڪشميرين تي حملن ۽ انهن کي هراسان ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سي پي آءِ ايم هڪ بيان ۾ پهلگام واقعي کي سيڪيورٽي جي هڪ وڏي ڪوتاهي قرار ڏيندي چيو آهي، ته حڪومت کي حملو ڪندڙن ۽ انهن جي هينڊرلز جي سڃاڻپ ڪرڻ گهرجي ۽ عالمي برادري سامهون پيش ڪرڻ لاءِ هڪ ڊوزيئر تيار ڪرڻ گهرجي. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته فوتگين کان پوءِ ڪشميرين جو احتجاج ۽ مذمت سڀ کان اهم آهي. بيان ۾ وقف ترميمي قانون 2025ع جي لاڳو ٿيڻ کان پوءِ مختلف شهرن ۾ مسلمانن تي ٿيل حملن کي به اجاگر ڪيو. بيان ۾ چيو ويو آهي، ته8 حڪمران ڀارتيه جنتا پارٽي ان قانون کي عوام کي مذهبي بنيادن تي ورهائڻ ۽ اقليتن تي حملا ڪرائڻ لاءِ استعمال ڪري رهي آهي.