اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته ڪشمير کان فلسطين تائين پراڻا حل طلب تڪرار علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ مسلسل خطرو آهن، موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن ۽ آبهوا سان پيدا ٿيندڙ آفتن جا اثر نه رڳو سرحدن کان ٻاهر پر نسلن تائين پڻ محسوس ڪيا پيا وڃن، عالمي برادري جو هڪ ذميوار ميمبر هجڻ جي ناطي پاڪستان علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ پرعزم آهي، ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ جي سمورين ڪوششن جي حمايت ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ آف ريجنل اسٽڊيز جي اهتمام هيٺ چوٿين سالياني ريجنل ڊائيلاگ 2025ع ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته دنيا حقيقت ۾ هنگاماخيز دور مان گذري رهي آهي، اسان کي ڪيترائي گڏيل بحران درپيش آهن جيڪي عالمي امن ۽ سلامتي، اقتصادي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ خطرو آهن. نائب وزيراعظم چيو ته تڪرارن ۽ مسلسل غيرملڪي قبضي ايندڙ نسلن کي جنگ جي لعنت کان بچائڻ ۽ خودمختياري جي ضمانت ڏيڻ جي گڏيل قومن جي واعدي جي نفي ڪئي آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته عالمي مالياتي نظام ۾ ساختي خامين کي ختم ڪرڻ ۾ اسان جي ناڪامي عالمي اڻبرابري ۽ غربت کي وڌائي رهي آهي، نفرت ۽ امتيازي سلوڪ زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبيا جي شڪل ۾ وڌي رهيو آهي. هن چيو ته بدقسمتي سان اسان جو خطرو هڪ ڀيرو ٻيهر هڪ ٻئي تڪرار جي ويجهو بيٺل آهي، گذريل ڪجهه هفتن دوران بي بنياد الزامن سان گڏوگڏ ڀارت پاران هڪطرفي، سياسي طور تي محرڪ ۽ انتهائي اشتعال انگيز قدم علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ سنگين خطرو آهن، علائقائي ڇڪتاڻ کي وڌائڻ جي هڪ منظم ۽ سوچيل سمجهيل ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هڪ غيرذميواراڻي انداز تي عمل ڪندي بنا ثبوت جي پاڪستان جي خلاف سطحي الزامن،اشتعال انگيز بيان بازي ۽ جنگي جنون کي هوا ڏئي ان کي جارحيت ۽ هڪطرفي ڪاررواين جي بهاني جي طور تي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته هن جنگ جي پٺيان واحد مقصد ڀارت جي اندروني چئلينجز، رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي، ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي خلاف ورزين تان ڌيان هٽائڻ ۽ ملڪي سطح تي سياسي مقصد حاصل ڪرڻ آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ان جا اهڙا نتيجا نڪرن ٿا جيڪي ڀارت جي سرحدن کان تمام گهڻو اڳتي ڦهليل آهن، علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي چونڊ فائدن تي قربان نه ٿو ڪري سگهجي، اها هڪ خطرناڪ سياسي جوا آهي جنهن خطي ۾ لکين ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳائي ڇڏيون آهن. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو پرعزم طريقي سان دفاع ڪندو جيئن گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 ۾ لکيل آهي. هن چيو ته پاڪستان موجوده صورتحال جي پس منظر ۾ ڪشميرين سان گڏوگڏ ڀارتي مسلمانن جي خلاف اشتعال انگيز ۽ اسلامو فوبڪ بيانيي تي پڻ فڪرمند آهي ۽ اهو سلسلو فوري طور تي ختم ٿيڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته ان پس منظر ۾ سنڌ طاس معاهدي کي روڪڻ جو ڀارت جو غيرقانوني ۽ هڪطرفو فيصلو دنيا جي لاءِ ڳڻتي جوڳو هجڻ گهرجي، اهو معاهدو اهڙي طرح جي هڪطرفي قدمن جو ڪو بنياد فراهم نه ٿو ڪري، ڀارت جي ڪارروائي علائقائي استحڪام جي بنيادي ٿنڀ کي نقصان پهچائي ٿي جنهن جا اهم گڏيل وسيلن جي پرامن انتظام تي گهرا اثر پون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي قومي سلامتي ڪميٽي 24 اپريل تي اهو واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي موجب پاڪستان جي پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ يا ان جو رخ موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ”جنگ جو هڪ عمل“ تصور ڪيو ويندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ان جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي، هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن خطي کي تعاون ۽ تحمل جي ضرورت آهي، ڪا به مهم جوئي وڌيڪ عدم استحڪام کي هوا ڏيندي. هن چيو ته اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب تڪرار ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ جو بنيادي سبب آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب تڪرار جي منصفاڻي، پائيدار ۽ پرامن حل جي لاءِ گڏيل قومن جي سرپرستي ۾ نئين سر ۽ ٺوس ڪوششن جي سخت ضرورت آهي.