اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پاران پاليسي ريٽ ۾ هڪ سيڪڙو گهٽتائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي ڪاروبار، صنعتن، زراعت، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار جي لاءِ خوش آئنده آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان واپارين ۽ سيڙپڪارن کي ريليف ملندو. هن چيو ته اپريل 2025ع جي مهيني ۾ مهانگائي جي شرح 0.30 سيڪڙو تائين اچڻ انتهائي خوش آئنده آهي، معاشي انگ اکر مثبت رخ ۾ گامزن آهن، معيشت مستحڪم بنيادن تي اڳتي وڌي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته معيشت جي بحالي جي لاءِ ناڻي واري وفاقي وزير ۽ سندس ٽيم جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.