اسلام آباد-04 مئي (اي پي پي) قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) کي پراپرٽي ڪانفرنس ۽ رئيلٽرز ايوارڊز ۾ بهترين معاون ميڊيا پارٽنر ايوارڊ سان نوازيو ويو، اي پي پي جي رپورٽر/ سب ايڊيٽر حنا دراني پنهنجي اداري طرفان ايوارڊ وصول ڪيو. ايس آر ايڇ انٽرنيشنل پرائيويٽ لميٽيڊ اسلام آباد جي ايف نائن پارڪ جي قائد ايوان هال ۾ افتتاحي پراپرٽي ڪانفرنس ۽ رئيلٽرز ايوارڊز جي تقريب جو بندوبست ڪيو جنهن ۾ اي پي پي کي بهترين معاون ميڊيا پارٽنر ايوارڊ سان نوازيو ويو. مهمانن ۾ يوٿ پارليامينٽ جو چيئرمين اسامه نديم قريشي، انٽر يونيورسٽي ڪنسوريشم جو نيشنل ڪوآرڊينيٽر محمد مرتضيٰ نوري ۽ ڊي واٽسن جو ايڇ آر مينيجر منيب ۽ ٻيا شامل هئا. تقريب کي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي سينئر نائب صدر عبدالرحمان صديقي، اسلام آباد اسٽيٽ ايجنٽ ايسوسيئيشن جي صدر سردار طاهر محمود، ليڪ شور سٽي اسلام جي چيئرمين سعيد سعادت حسين شاهه، ڪيپيٽل انٽرنيشنل رئيل اسٽيٽ اينڊ بلڊرز جي سي اي او چوڌري محمد نواز بسرا، فيئر ڊيل مارڪيٽنگ جي چيئرمين چوڌري عبدالرئوف، امارات گروپ آف ڪمپنيز کان شفيق اڪبر ۽ ليجنڊز انڪليو ۾ جنرل مينيجر سيلز عثمان جهانگير خطاب ڪيو. ان ڪانفرنس جو مقصد رئيل اسٽيٽ جي شعبي ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيڻ ۽ شعبي ۾ شهرت حاصل ڪندڙ ريئلٽرز جي خدمتن جو اعتراف ڪرڻ هو. تقريب جي پڄاڻي تي قوالي نائيٽ جو بندوبست ڪيو ويو.