اسلام آباد – 04 مئي (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري قومي اسيمبلي جو اجلاس 5 مئي تي طلب ڪري ورتو. قومي اسيمبلي ميڊيا ونگ مان جاري بيان مطابق صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس 5 مئي 2025ع شام 5 وڳي پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو آهي. صدر قومي اسيمبلي جو اجلاس آئين جي آرٽيڪل 54 جي قلم هڪ تحت مليل اختيارن کي استعمال ڪندي خلب ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جو 5 مئي تي ٿيندڙ اجلاس موجوده قومي اسيمبلي جو 16 هون اجلاس هوندو.