لاهور-04 مئي (اي پي پي) پنجاب جي تعليم وار وزير راڻا سڪندر حيات ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي تعليم ۽ امن کي هٿي ڏيڻ جوپيغام ڏيندي چيو آهي ته ڀارت پاڪستان سان گڏجي خطي ۾ تعليم، ترقي ۽ امن لاءِ ڪم ڪري ،پاڪستان کي غزه سمجهڻ جي غلطي نه ڪري، اسان پنهنجي دفاع جي ڀرپور صلاحيت رکون ٿا. راڻا سڪندر حيات چيو ته ڀارت 1965ع ۽ 1971ع ۽ ڪارگل جهڙن محاذن تي اسان جي آزمائي چڪو آهي، هاڻي به اسان هر محاذ تي تيار آهيون. هن ڀارتي وزيراعظم کي تنبيهه ڪئي ته هو اسان کي ٻيهر نه آزمائي ڇاڪاڻ ته هن ڀيري چانهه نه صرف سبق ملندو. تعليم واري وزير ڀارتي وزيراعظم کي واضح پيغام ڏيندي چيو ته جيستائين چانهه هلي رهي آهي، سمجهي وٺو ته اسان نرم آهيون پر جڏهن سبق شروع ٿيو ته ان کي چانهه جي خوشبوءَ به وسري ويندي. هن چيو ته مودي اهو نه سمجهي ته اسان کي ڊڄاري ۽ ڌمڪائي وٺندو، اسان ڀارت جي هر قدم جو سخت جواب ڏينداسين.