اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڀارت جي بي بنياد الزامن، چڙ ڏياريندڙ پروپيگنڊه ۽ سنڌ طاس معاهدي جي معطلي جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته سنڌ طاس معاهدي جي معطلي عالمي قانوني ذميوارين جي کليل ڀڃڪڙي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري پڌرائي موجب پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڇنڇر ڏينهن سوئيس فيڊرل ڪائونسلر ۽ پرڏيهي وزير اگنيز يوڪيسسز سان ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سويئٽزرلينڊ جي پرڏيهي وزير کي علائقائي سلامتي جي اڀرندڙ صورتحال جي حوالي سان تفصيلن بابت آگاهه ڪندي، ڀارت جي تازي چڙ ڏياريندڙ قدمن تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جا بي بنياد الزام، چڙ ڏياريندڙ پروپيگنڊه ۽ سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو عالمي قانوني ذميوارين جي کليل ڀڃڪڙي آهي. هن حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ هڪ آزاد ۽ شفاف عالمي جاچ لاءِ پاڪستان جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. هن پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفادن جي تحفظ جي حق کي محفوظ رکندي علائقائي امن ۽ سلامتي جي مفاد ۾ تحمل کان ڪم وٺڻ جي پاڪستان جي عزم جو به ورجاءُ ڪيو.ا گنيز يوڪيسسز امن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پاڪستان جي عزم کي ساراهيو ۽ غيرجانبدار جاچ جي پاڪستاني تجويز جي توثيق ڪئي. هن سوئيٽزرلينڊ طرفان سهڪار جي آڇ جي غيرجانبدار جاچ لاءِ سهولت فراهم ڪرڻ جي حوالي سان مناسب طريقيڪار ڳولهڻ لاءِ پنهنجي رضامندي ظاهر ڪئي. ٻنهي اڳواڻن اڀرندڙ صورتحال تي ويجهن رابطن ۾ رهڻ تي به اتفاق ڪيو.