راولپنڊي -03 مئي (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز خيبر پختونخوا صوبي ۾ 3 مختلف ڪارروائين دوران 5 خوارجي دهشتگردن کي ماري ڇڏيو جڏهن ته 2 کي گرفتار ڪيو. ڇنڇر ڏينهن آءِ ايس پي آر پاران جاري پڌرائي موجب خوارجين جي موجودگي جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز طرفان باجوڙ ضلعي ۾ ڳجهي ڄاڻ تي ٻڌل آپريشن ڪيو ويو. آپريشن دوران سيڪيورٽي جٿن خوارجين جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان ڳوليو ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ انتهائي گهربل خوارجي فريد الله سميت 3 خوارجين کي جهنم ڀيڙو ڪيو. ڳجهي ڄاڻ جي بنياد تي هڪ ٻيو آپريشن اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ ڪيو ويو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 خوارجين کي سيڪيورٽي فورسز اثرائتي طريقي سان بي اثر ڪري ڇڏيو. پڌرائي ۾ چيو ويو ته مهمند ضلعي ۾ ٿيل ٽئين مقابلي ۾ سيڪيورٽي فورسز ڪاميابي سان خوارجين جي هڪ ٺڪاڻي تي آپريشن ڪيو ۽ خوارجي لال امير ابراهيم سميت 2 خوارجين کي گرفتار ڪيو. آءِ ايس پي آر چيو ته انهن خوارجين وٽان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مادو پڻ هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪي دهشتگردي جي ڪيترين ئي ڪارروائين ۾ سرگرم رهيا.پريس پڌرائي ۾ چيو ويو ته علائقي ۾ موجود ٻي ڪنهن به خوارجي کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪارروائيون جاري آهن. ڇاڪاڻ ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.