اسلام آباد -03 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار يونان جي پرڏيهي وزير جارج گيرا پيٽرائٽس سان ٽيليفون تي موجوده علائقائي صورتحال بابت ڳالهيون ڪيون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ خطري جو سبب بڻجندڙ ڀارت جي بي بنياد الزامن، غلط ڄاڻ جي مهم ۽ غيرقانوني هڪ طرفن قدمن کي واضح طور رد ڪندي سنڌ طاس معاهدي کي ملتوي ڪرڻ جي ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي جي به شديد مذمت ڪئي. جيڪا ان جي عالمي ذميوارين جي کليل ڀڃڪڙي آهي. اسحاق ڊار علائقائي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفادن جو پختي طور تي تحفظ ڪيو. هن پاڪستان طرفان حقيقتن کي سامهون آڻڻ لاءِ آزاد ۽ شفاف جاچ جي مطالبي جو به ورجاءُ ڪيو. ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۽ امن استحڪام جي تحفظ لاءِ تحمل جي اهميت تي زور ڀريو. هن غير جانبدار ۽ شفاف جاچ لاءِ پاڪستان جي تجويز جي آجيان ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خاص طور تي گهڻ رخي فورمز جن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غير مستقل ميمبر طور علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي ويجهن رابطن کي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.