اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته مزدورن جي اڻٿڪ محنت اسان جي معيشت جو بنياد آهي، مزدور صنعت، زراعت، واپار يا خدمتن جي شعبي سان واڳيل هجي قومي ترقي جو اصل محرڪ آهي. ڪالهه مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن مان انهن محنتي عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جون اڻٿڪ ڪوششون اسان جي معيشت لاءِ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکن ٿيون. محنت جو وقار هڪ مضبوط ۽ خوشحال قوم جو بنياد آهي، اسان جي مزدور، صنعت، زراعت، واپار يا خدمتن جي شعبن سان واڳيل هجن قومي ترقي جا اصل محرڪ آهن. وفاقي وزير چيو ته واپار واري وزارت هن عهد تي ڪاربند آهي ته اهڙو ماحول فراهم ڪيو وڃي جتي مزدورن جي حقن جو تحفظ باعزت روزگار ۽ منصفاڻي واپار جي موقعن ۾ واڌ ٿئي. هن چيو ته اسان جامع اقتصادي ترقي جي حاصلات لاءِ سمورن حصيدارن سان ويجهو تعاون جاري رکنداسين ته جيئن افرادي سگهه جي مهارتن ۾ واڌ، مقامي صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ روانگي واپار جي صلاحيتن کي هٿي ڏئي سگهجي. جنهن جو سڌي ريت فائدو اسان جي مزدور طبقي کي پهچندو. اچو ته اسان سڀ پاڪستان جي هر مزدور لاءِ برابري، انصاف ۽ احترام جي قدرن کي هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجو عزم بڻايون.