اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي چيو آهي ته پورهيتن جي محنت، همت ۽ استقامت پاڪستان جي ترقي جو بنياد آهي، انهن جي تحفظ، صحت ۽ فلاح لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن. ڪالهه مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وفاقي وزير چيو ته اڄوڪي ڏينهن اسان انهن مردن ۽ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي اسان جي گهرن کي تعمير ڪن ٿا، اسان لاءِ کاڌو پوکين ٿا ۽ ملڪ جي ترقي جو ڦيٿو هلائين ٿا، انهن جي محنت، همت ۽ استقامت ملڪ جي ترقي جو بنياد آهي. هن چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ۾ اسان جو مقصد هي آهي ته اسان مزدورن لاءِ ڪم وارن هنڌن کي محفوظ ۽ انهن جي ڪم کي آسان بڻائڻ لاءِ سائنسي جدت کي ڪتب آڻيون.خاص ڪري انهن شعبن تي ڌيان ڏئي رهيا آهن جتي مزدور سڀ کان وڌيڪ خطرن ۾ ورتل آهي. جهڙوڪ زراعت، تعميرات ۽ غير رسمي شعبا ته جيئن انهن جي تحفظ، صحت ۽ فلاح لاءِ عملي حل فراهم ڪري سگهجن. هن چيو ته محنت صرف مشقت ناهي پر قوم جي تعمير آهي، اچو ته اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي هر مزدور کي عزت، تحفظ ۽ ترقي جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.