اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) رٿابندي ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته اڏام پاڪستان پروگرام جي ويزن تحت اهڙو پاڪستان تعمير ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون جتي پورهيتن کي باعزت روزگار، مناسب اجرت، محفوظ ماحول ۽ صحت ۽ تعليم جون بنيادي سهولتون ميسر هجن. ڪالهه مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پورهيتن جو عالمي ڏينهن اسان سڀني کي اهو ياد ڏياري ٿو ته مزدور خوددار ۽ ترقي يافته پاڪستان جو بنياد اسان جي پورهيتن، مزدورن، هارين ۽ هنرمندن جي رات ڏينهن جي محنت ۽ رت ۽ پگهر سان جڙيل آهي، اڄوڪو ڏينهن اسان کي هن طبقي جي حقن، وقار ۽ خوشحالي لاءِ نئين عزم سان اڳتي وڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته حڪومت اڏام پاڪستان جي ويزن تحت هڪ اهڙي معاشري جي جوڙجڪ ۽ اهڙي معيشت جو قيام چاهيون ٿا جتي سڀني کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا ميسر هجن، جتي ڪو به ماڻهو پنهنجي سماجي يا مالي پس منظر جي بنياد تي پوئتي نه رهجي وڃي. هن جو چوڻ هو ته پورهيت طبقو صرف فيڪٽرين، فصلن يا تعميراتي سرگرمين تائين محدود ناهي پر ان ۾ هر فرد شامل آهي جيڪو پنهنجي ڪٽنب ۽ ملڪ لاءِ رات ڏينهن پورهيو ڪري ٿو. اسان جي پاليسين جو مرڪز ۽ محور اهو ئي طبقو آهي، وفاقي وزير چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت اهو سمجهي ٿي ته جيستائين پورهيت طبقي کي سماجي انصاف، تحفظ، عزت ۽ اڳتي وڌڻ جا هڪجهڙا موقعا ميسر نه هجن ان وقت تائين ملڪي ترقي جو خواب اڌورو آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي حڪومت معيشت جي بحالي، صنعتن کي هٿي وٺرائڻ ۽ ايڪسپورٽس جي واڌ ۽ نوجوانن کي هنر ڏيڻ جي پروگرامن ذريعن باعزت روزگار جا وڌ کان وڌ موقعا پيدا ڪري رهي آهي. هن چيو ته اسان پاڪستان کي اهڙو فلاح رياست بڻائڻ چاهيون ٿا جتي محنت کي عبادت سمجهيو وڃي ۽ پورهيتن کي مڪمل عزت، سهولت ۽ انصاف حاصل هجي. اچو اڄ جي ڏينهن اسان اهو وچن ڪريون ته اسان پنهنجي پورهيت ڀائرن ۽ ڀينرن جي قدر، انهن جي حقن جو تحفظ ۽ هڪ اهڙو معاشرو تعمير ڪريون جيڪو سڀني لاءِ روشن، پرامن ۽ خوشحال هجي.