اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسي ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پٺتي پيل علائقن جي شهرين جي زندگين کي بهتر بڻائڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي مان فائدو کنيو وڃي. گذريل ڏينهن هڪ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت تحت جاري 31 ترقياتي منصوبن جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ مستقبل جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ وفاقي سيڪريٽري ساجد بلوچ ۽ مختلف تنظيمن جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس دوران وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستانين لاءِ سائنسي ترقي تائين هڪجهڙي رسائي کي يقيني بڻائيندي ترقي عوام تي ٻڌل هجڻ گهرجي. هن زور ڀريو ته بنيادي ڍانچي سان اڳتي وڌون ۽ تعليم، بيداري ۽ صلاحيت جي تعمير ذريعي انساني سرمائي جي ترقي تي ڌيان ڏيون. هن ڪاروبار ڪرڻ ۾ آساني کي بهتر بڻائڻ جي اهميت جي حوالي سان وزارت ۽ ان جي ادارن تي زور ڀريو ته سيڙپڪاري، تحقيق کي هٿي وٺرائڻ لاءِ هڪ شفاف ۽ موثر ماحول پيدا ڪن، وفاقي وزير سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي هدايت ڪئي ته قومي ترجيحن ۽ عوامي ڀلائي ۽ ترقي کي نظر ۾ رکندي منصوبن تي عملدرآمد کي تيز ڪن.