اسلام آباد-01 مئي (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ مزدورن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پورهيتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پورهيت قوم جي ڪرنگهي جي هڏي آهن انهن جي خدمتن تي فخر آهي. قانون ۽ انصاف واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير چيو ته پورهيتن جي حقن جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، مزدور جي خوشحالي پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن چيو ته قانون ۽ انصاف واري وزارت مزدورن لاءِ مضبوط قانوني تحفظ جي حامي آهي، انصاف، وقار ۽ تحفظ هر پورهيت جو بنيادي حق آهي. وفاقي وزير چيو ته پورهيت طبقو صرف پنهنجي ڪٽنب جو سهارو ناهي هوندو پر ملڪي معيشت جو به سهارو آهي. هن مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مزدورن جي عظمت، لگن ۽ قربانين کي سلام پيش ڪيو.