لاهور-26 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ايران جي شهر بندر
عباس ۾ شهيد رجائي پورٽ ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ نقصانن تي گهري افسوس جو
اظهار ڪيو آهي. ڪالهه وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب
وزيراعظم ڌماڪي جي حوالي سان ايراني حڪومت ۽ ايران جي عوام سان
افسوس جو اظهارڪيو آهي. وزيراعظم ڌماڪي جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن جي
جلد صحتيابي جي دعا ڪندي چيو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ ايراني حڪومت ۽
عوام سان گڏ آهيان.