اسلام آباد -27 اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق
خيبر پختونخوا ۾ مختلف ڪارروائين دوران 15 خوارجي دهشتگردن کي جهنم
ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين ۽ شهيد ٿيل لانس نائيڪ
عثمان محمد ۽ سپاهي عمران خان کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. گذريل
ڏينهن جاري بيان موجب اسپيڪر شهيد لانس نائيڪ عثمان محمد ۽ شهيد سپاهي
عمران خان جي وارثن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي چيو آهي،
ته شهيد لانس نائيڪ عثمان محمد ۽ شهيد سپاهي عمران خان جي لازوال قربانين
کي هميشه ياد رکيو ويندو. هن چيو ته قوم سيڪيورٽي فورسز جي لازوال
قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. پاڪستان بهادر سپوتن وطن جي دفاع ۽
سلامتي لاءِ بي مثال قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته پوري قوم سيڪيورٽي
فورسز جي جرئت ۽ بهادري کي سلام پيش ڪري ٿي، خوارجي دهشتگردن کي
پنهنجي انجام تائين پهچائڻ لاءِ سيڪيورٽي فورسز جو پختو عزم ساراهه جوڳو
آهي. هن چيو ته قوم کي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيواراڻين صلاحيتن تي فخر
آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وارثن لاءِ صبر
جي دعا ڪئي.