لاهور -27 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان
پرڏيهي سيڙپڪار ڪمپنين جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سيڙپڪارن جي تحفظ
۽ سيڙپڪاري کي محفوط بڻائڻ لاءِ کنيل قدمن تي ڳالهيون ڪيون ويون. گهرو
وزير وفد کي هر ممڪن سهڪار فراهم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. ملاقات
دوران ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ انويسٽرز
جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري
لاءِ ماحول محفوظ ۽ سازگار آهي جڏهن ته سيڙپڪار پاڪستان ۾ بنا ڪنهن
خوف جي ڪنهن به شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا. هنن جي تحفظ جي
ذميواري هر صورت ۾ پوري ڪنداسين. گهرو وزير چيو ته حڪومت ملڪ ۾
ڏيهي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سمورا قدم کنيا آهن. هن چيو ته
حڪومت ملڪ ۾ دهشتگردي جا واقعا ڪندڙ شرپسندن جي حملن جو سخت
نوٽيس ورتو آهي ۽ جوابدارن خلاف قانون موجب ڪارروائي به ڪئي پئي
وڃي، جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ حڪمت عملي جوڙي
وئي آهي. محسن نقوي چيو ته اسان جو دين اسلام امن ۽ شانتي جو درس ڏئي
ٿو، وفد مسئلن جي حل لاءِ خاطري تي گهرو وزير جو ٿورو مڃيو.