واشنگٽن -26 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد
اورنگزيب جي آءِ ايم ايف، ورلڊبئنڪ اسپرنگ ميٽنگز جي موقعي تي انٽرنيشنل
فنانس ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر مختيار ديوپ ۽ سندس ٽيم سان
ملاقات ڪئي آهي. ناڻي واري وزارت پاران جاري بيان موجب وفاقي وزير
مارچ 2025ع ۾ پاڪستان جي دوري تي مختارديوپ جو شڪريو ادا ڪيو. هن
وفد کي پاڪستان جي مضبوط معاشي اهڃاڻن ۽ فچ پاران تازي ڪريڊٽ ريٽنگ
۾ بهتري کان آگاهه ڪندي ان کي حڪومت ڪامياب سڌارن وارين ڪوششن
کي عالمي اعتراف قرار ڏنو. ناڻي واري وزير ريڪوڊڪ منصوبي لاءِ آءِ ايم
ايف جي مدد جي واکاڻ ڪئي ۽ ڪراچي ايئرپورٽ لاءِ مشاورتي ڪم ۾ تيزي
آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو. هن آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر سان
اتفاق ڪيو ته هيٺين سطح تي حڪومت تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ انهن جي
ڪارڪردگي ۾ اضافو ڪيو وڃي ته جيئن ترقياتي هدف حاصل ڪرڻ ۾ بهتري
آڻي سگهجي.