جده-25 اپريل (اي پي پي) سعودي عرب جي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود ۽ سندس بحرين جي هم منصب ليفٽيننٽ جنرل شيخ راشد آل خليفه جده ۾ گهرو وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ سيڪيورٽي ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، پرڏيهي ميڊيا موجب اجلاس جو مقصد سيڪيورٽي چئلينجز ۽ علائقائي ۽ عالمي منظرنامي تي تيز رفتار تبديلين کي منهن لاءِ ڪارڪردگي کي وڌائڻ تي غور ڪرڻ آهي،ا جلاس دوران نوجوانن ۾ انتهاپسندي وارن نظرين کي پکڙجڻ کان روڪڻ، سائبر سيڪيورٽي ۾ سهڪار، ٻنهي ملڪن جي مرڪزي آپرشنز رومز کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ ۽ هوائي بندرگاهن ذريعي شهرين لاءِ سفري طريقيڪار کي آسان بڻائڻ جي پهرين مرحلي کي مڪمل ڪرڻ جهڙين ڪاميابين جو پڻ جائزو ورتو ويو، سعودي گهرو وزير ان ڳالهه جي تصديق ڪئي ته اها ملاقات ٻطرفي سيڪيورٽي سهڪار کي مضبوط ڪرڻ لاءِ هئي، ٻنهي پاسن جي ورڪنگ گروپس پاران عملدرآمد ڪميٽي جي قدمن کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪيل ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو ويو جنهن سان گڏيل سيڪيورٽي جي ڪمن ۾ اضافو ٿيندو ۽ ٻنهي ملڪن جي شهرين لاءِ اضافي سهولتون وڌنديون. بحرين جي گهرو وزير چيو ته ٻنهي برادر ملڪن جي سلامتي ضروري آهي، هن گذريل دورن ۾ ڪيل ڪوششن جي پڻ تعريف ڪئي ۽ جيڪي سيڪيورٽي تعاون جي سمورن شعبن ۾ معياري قدمن جي نمائندگي ڪن ٿا.