نئين دھلي – 25 اپريل (اي پي پي) ڀارت ۾ ھندو انتھا پسند تنظيم ڪالي سينا جي باني سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل ھڪ تڪراري ويڊيو ۾ پھلگام واقعي بعد ڪشمير جي مسلمانن کي نشاڻو بڻائڻ جي ڌمڪين تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق فيس بڪ تي پوسٽ ڪيل ويڊيو ۾ ڪالي سينا جي باني سوامي آنند سوروپ کي ڪشمير جي مسلمانن کي نشاڻو بڻائڻ جو اعلان ڪندي ٻڌي سگھجي ٿو. ھن ويڊيو ۾ مودي حڪومت کي اپيل ڪئي ته ھو دھشتگردن جي ھمدردن ۽ ڪشمير جي مسلمانن جو خاتمو ڪري. ويڊيو ۾ ھندو پجاري ڪھيپ، ھري سنگ شنڪر اچاريه ۽ ٻين جي نالن جو ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ھندون جو ملڪ آھي، ھندن جي زمين آھي، ڪنھن به قيمت تي ڪشمير ۾ اسلام جو خاتمو ڪرڻ گھرجي. ٻئي پاسي اترپرديش ۽ ٻين ھنڌن تي ڪشميرين خلاف وڌندڙ دشمني ۽ جارحيت دوران انھن کي گھر خالي ڪرڻ جو چيو ويو آھي.