واشنگٽن-25 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ هڪ عورت چيو آهي ته چيٽ جي پي ٽي سندس اندر لڪل ڪينسر جو پتو لڳائڻ ۾ مدد ڪئي جنهن جون نشانيون هن ڊاڪٽر کي ٻڌايون پر هُن نظرانداز ڪري ڪنهن ٻي مرض جي سڃاڻپ ڪري ڇڏي. پرڏيهي ميڊيا موجب 40 سالن جي لورين بينن تيزي سان وزن گهٽجڻ ۽ پيٽ ۾ سور جي شڪايت تي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو ته هن کيس ان جو سبب آرٿرائيٽس يا معدي جي خرابي ٻڌائي، عورت چيٽ جي پي ٽي تي پنهنجي علامتن بابت لکيو ته کيس جواب مليو ته کيس هيشيموتو (ڪينسر جو هڪ قسم) آهي، جڏهن ٽيسٽ ڪرائي ته معلوم ٿيو ته چيٽ جي پي ٽي ٺيڪ چئي رهيو آهي، ٽيسٽ مان خبر پئي ته کيس ڳچي ۾ ٻه ننڍيون ڳوڙهيون آهن جيڪي ڪينسر ثابت ڪن ٿيون. لورين جو چوڻ هو ته ڊاڪٽر مون کي رڳو چڪر لڳرائي رهيو هو، آئون تمام گهڻي مايوس هئس، ڄاڻڻ پئي چاهيان ته آخر مون کي ڇا ٿيو آهي پر جيڪو جواب مون کي گهرجي پيو اهو نه ملي رهيو هو. عورت جو چوڻ هوته مون چيٽ جي پي ٽي تي ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن بيماري ٻڌائي ۽ چيو ته ٿائرائيڊ جو ٽيسٽ ٿيڻ گهرجي، ڊاڪٽر وٽ ويس ته هن چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ڇو ته ان بيماري ۾ منهنجي فيملي هسٽري ناهي، لورين جو چوڻ هو ته منهنجي اندر هيشيموتو مرض جون علامتون نه هيون، مون کي ٿڪاوٽ محسوس نه ٿيندي هئي، جيڪڏهن چيٽ جي پي ٽي تي نه ڏسان ها ته ڪينسر منهنجي جسم ۾ پکڙجي وڃي ها، سندس چوڻ هو ته چيٽ جي پي ٽي منهنجي زندگي بچائي ورتي آهي.