ڪويت سٽي-25 اپريل (اي پي پي) ڪويت ۾ ڪرپٽو ڪرنسي جي غير قانوني مائننگ جو انڪشاف ٿيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب بجلي ۽ پاڻي واري وزارت جي ترجمان انجنيئر فاطمه جوهر حيات چيو آهي ته الوفره علائقي ۾ هڪ سئو اهڙن گهرن جي نشاندهي ٿي آهي جيڪيي ڪرپٽو ڪرنسي مائننگ جي سرگرمين ۾ ملوث آهن. وزارت برقي نظام جي ڪارڪردگي ۽ پائيداري کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪيل ڪوششن تحت گذريل ٻن هفتن دوران ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي استعمال ۾ غير معمولي اضافو رڪارڊ ڪيو آهي، هن چيو ته وزارت الوفره علائقي ۾ وڏي مهم شروع ڪئي آهي جنهن دوران هن وقت تائين سوين اهڙن گهرن جي نشاندهي ٿي آهي جن ۾ بجلي جو استعمال تمام گهڻو ٿي رهيو آهي ۽ اهو استعمال روايتي گهريلو استعمال کان مختلف آهي. جيڪو ان ڳالهه جي علامت آهي ته بجلي کي غير قانوني سرگرمين خاص طور تي ڪرپٽو ڪرنسي جي مائننگ ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته انهن گهرن ۾ بجلي جو استعمال ڏينهن رات جي وقت يا موسم جي حساب سان عام گهريلو استعمال کان مختلف ناهي هوندو پر انهن جي گهرن ۾ بجلي جي استعمال ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي. انگن اکرن مان اها ڳالهه واضح ٿي آهي ته مارچ 2025ع دوران ڪيترن ئي گهرن ۾ هڪ لک ڪلوواٽ کان وڌيڪ بجلي استعمال ڪئي وئي جيڪا ڀرپاسي جي گهرن جي ڀيٽ ۾ 20 ڀيرا وڌيڪ آهي. ترجمان چيو ته وزارت شهرين ۽ علائقي ۾ رهندڙ ماڻهن کي اپيل ڪئي آهي ته اهي بجلي جو درست استعمال ۽ وزارت جي ٽيمن سان سهڪار ڪن.