اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ گڏيل رضامندي سان فيصلي تائين وڌيڪ ڪو واهه نه ٺاهيو ويندو، 2 مئي تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ غور فڪر کانپوءِ ان حوالي سان ڪو فيصلو ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پيپلزپارٽي جي وفد سان ملاقات کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف بلاول ڀٽو زرداري جا ٿورا مڃيا جيڪو سندس دعوت تي پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان گڏ ملاقات جي لاءِ آيو. وزيراعظم چيو ته ملاقات ۾ ملڪي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ڪالهه ڀارت جيڪي جنگجو اعلان ڪيا آهن ۽ پاڪستان جي خلاف جارحاڻو موقف اختيار ڪيو، اڄ قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ ان تي تفصيلي غور فڪر ٿيو ۽ اهم فيصلا ڪيا ويا، جن تي مون بلاول ڀٽو زرداري کي اعتماد ۾ ورتو. وزيراعظم ٻڌايو ته بلاول ڀٽو زرداري سان واهه ڪڍڻ جي معاملي تي سنجيده ڳالهه ٻولهه ٿي، پاڪستان هڪ فيڊريشن آهي ۽ ان جي گهرج آهي ته صوبن جي وچ ۾ معاملا گڏيل ڳالهه ٻولهه، خلوص ۽ نيڪ نيتي سان بهتر انداز ۾ ملڪي مفاد کي نظر ۾ رکندي طئي ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته مون پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي ٻڌايو ته منهنجو ڏهاڪن کان اهو موقف رهيو آهي ته جيتوڻيڪ ڪالاباغ ڊيم معاشي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ آهي پر وفاق کان اهم ڪا شيءَ نه آهي، جيڪڏهن سنڌ يا ڪنهن وفاق جي اڪائي پاران ان تي اعتراض آهن ته پاڪستان جي بهترين مفاد جي گهرج آهي ته ان کي قبول ڪيو وڃي، اسان کي گڏيل رضامندي ۽ ڳالهه ٻولهه سان واهن جو معاملو حل ڪرڻ گهرجي، مسلم ليگ (ن) ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي جي وچ ۾ گڏيل رضامندي سان اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيستائين گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ گڏيل رضامندي سان فيصلا نه ٿا ٿين وڌيڪ ڪو واهه نه ٺاهيو ويندو ۽ واهن جي معاملي تي وڌيڪ اڳڀرائي صوبن جي وچ ۾ اتفاق راءِ کانسواءِ نه ٿيندي. وزيراعظم چيو ته اهو طئي ڪيو ويو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس 2 مئي تي گهرايو ويندو. پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم جا ٿورا مڃيا ته هن پيپلزپارٽي جا اعتراض ٻڌا جنهن کانپوءِ هي اهم فيصلو ڪيو ويو. هن چيو ته 2 مئي تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ گڏيل رضامندي کانسواءِ ڪو نئون واهه نه ٺاهڻ جي فيصلي جي توثيق ڪئي ويندي ۽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان سي سي آءِ جي اجلاس جو انتظار ڪنداسين. هن سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارت جي اعلانن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته اهي اعلان نه رڳو غيرقانوني پر انسانيت جي به خلاف آهن، اسان پاڪستان حڪومت سان گڏ بيٺل هونداسين ۽ نه رڳو پاڪستان پر عالمي طور تي به اهو معاملو اٿارينداسين ۽ ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين.