اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز (پمز) جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عمران سڪندر چيو آهي ته پمز اسپتال ۾ روزاني جي بنياد تي 9 هزار مريض معائني جي لاءِ اچن ٿا جن مان 7 هزار او پي ڊي جڏهن ته اٽڪل 2 هزار پمز جا سمورا ايمرجنسي مريض شامل آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن اي پي پي کي ڏنل خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. ڊاڪٽر عمران سڪندر چيو ته پمز اسپتال وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ 1985ع ۾ ٺاهي وئي جتي سڄي ملڪ مان ماڻهن کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. 1257 بيڊز تي ٻڌل اها اسپتال سرجيڪل ۽ ميڊيڪل جون سموريون سهولتون فراهم ڪري ٿي. ٻارن جي لاءِ خصوصي اسپتال، ڪارڊيڪ سينٽر، ماءُ ٻار سينٽر، برن سينٽر سميت ٻيا شعبا صحت جون سهولتون فراهم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته وقت سان گڏوگڏ ان جو اسٽيٽس تبديل ٿيندو رهيو. اڄڪلهه هي فيڊرل گورنمينٽ جو ادارو آهي. هن چيو ته اسان پوري ڪوشش ڪريون ٿا ته عوام کي سموريون سهولتون بهترين طريقي سان فراهم ڪري سگهون. خالي جاين جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پمز ۾ ڪل 4500 جايون آهن جن ۾ ڊاڪٽرز، پيراميڊيڪل اسٽاف، سپورٽ اسٽاف شامل آهي. جڏهن مون اها ذميواري سنڀالي ته ان وقت 1400 جي لڳ ڀڳ سيٽون خالي هيون جن مان اٽڪل اڍائي سئو جاين تي گريڊ 1 کان 15 تائين جي ملازمن کي هايئر ڪيو ويو آهي ۽ 130 پوسٽون فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن تحت ڀريون وينديون. اهي سمورا ماڻهو ميرٽ تي رکيا ويا آهن. هن چيو ته اسان اسپتال جي لاءِ هڪ منصوبو جاپان جي هڪ ڪمپني جائيڪا جي تعاون سان مڪمل ڪيو جتي ٻارن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن ٿيون. اسپيشلسٽ جون 130 کان وڌيڪ خالي جايون تڪميل جي مرحلي ۾ آهن جڏهن اهي مڪمل ٿي وينديون ته مريضن کي اسپتال ۾ ڪنهن به قسم جي مشڪل کي منهن ڏيڻو نه پوندو. هن چيو ته شام جي وقت به او پي ڊي شروع ڪئي وئي آهي ته جيئن صبح جي وقت ۾ رش کي گهٽ ڪري سگهجي. موجوده حڪومت جو صحت جا مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان تمام گهڻو فوڪس آهي. موجوده وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي علاج جي سهولتن کي هر ممڪن طور تي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي خاص طور تي اسٽاف جي موجودگي پڻ يقيني بڻائي پئي وڃي ان حوالي سان بائيو ميٽرڪ سسٽم شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اسپتال ۾ هيلپ لائين جي شروعات ڪئي وئي آهي ته جيئن ماڻهو پنهنجي مسئلن ۽ مشڪلاتن کان آگاهه ڪري سگهن ۽ انهن جي مسئلن کي جلد کان جلد حل ڪري سگهجي ان کانسواءِ هڪ هيلپ ڊيسڪ پڻ ٺاهي وئي آهي جيڪا ڏورانهن علائقن کان ايندڙ مريضن کي سموريون سهولتون فراهم ڪري ٿي. اسپتال جي صفائي جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ڪيترائي قدم کڻي اسپتال ۾ صفائي جي نظام کي بهتر ڪيو آهي. سڀ کان وڏو مسئلو اسپتال ۾ وڌيڪ مريضن جو بار آهي ۽ هاڻي اهو مسئلو تمام جلد حل ٿي ويندو، ان سلسلي ۾ فيڊرل گورنمينٽ مڪمل تعاون ڪيو آهي. هن چيو ته پمز ۾ هڪ وڏي اپ گريڊيشن جي ضرورت آهي. ان حوالي سان هڪ پي سي ون ٺاهي جيڪا پلاننگ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي ۽ وفاقي وزير احسن اقبال هڪ ڪميٽي جوڙي آهي ۽ چيو ته ان جي لاءِ پي سي ٽو فزيبلٽي اسٽڊي ٺاهي وٺو ۽ مڪمل پلان ٺاهيو جنهن جي منظوري ملي وئي آهي. هن چيو ته وفاقي وزير سيد مصطفيٰ ڪمال جي هدايت تي ٽيلي ميڊيسن جي حوالي سان قدم کنيا ويندا. پمز اسپتال ۾ هن وقت 3 سي ٽي اسڪين لڳا جيڪي ڪم ڪري رهيا آهن. هڪ ايم آر آءِ مشين ڪم ڪري رهي آهي، ٻي ايم آر آءِ مشين جاپان پاران تحفو ڏنو ويو آهي اها به تمام جلد اچي ويندي. ايڪسري، الٽراسائونڊ، سي ٽي اسڪين، ايم آر آءِ سڀئي مشينون ڪم ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ڊائيلاسز سينٽر جي لاءِ 10 نيون مشينون، هڪ لفٽ ۽ ان جي تياري جو ڪم او جي ڊي سي ايل جي تعاون سان شروع ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته مختلف ماڻهو اسان سان رابطو ڪندا آهن ته اسپتال جي بهتري جي لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهون، ته اسان انهن کان مختلف اوزارن ۽ مشينن جي ڊيمانڊ ڪندا آهيون جيڪي شيون انهن جي مطابق هونديون آهن اهي اسان کي مهيا ڪندا آهن. اسان انهن جي حوصلا افزائي جي لاءِ ليٽرز لکندا آهيون ته جيئن انهن کي خراج تحسين پيش ڪري سگهجي. ايمرجنسي ۾ ايندڙ ڪنهن به مريض کي واپس ناهي موڪليو ويندو جيڪڏهن ڪو اهڙو هجي ته ان جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ٿي. صحت سهولت پروگرام جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو پروگرام مختلف صوبن جو پروگرام آهي. ڪجهه صوبن ان کي بند ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته بلوچستان ۽ سنڌ جي هڪ ضلعي ٿرپارڪر ۾ ۽ پنجاب ۾ ان جي ذريعي مريضن کي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. پمز ۾ ان پروگرام کي بند ڪيو ويو پر آءِ سي يو، ڪارڊيڪ ۽ ڊائيلاسز سينٽر ۾ ان جي ذريعي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. صحت سهولت پروگرام اسٽيٽ لائيف جي ذريعي هلي رهيو آهي. اسان اسٽيٽ لائيف کي خط لکيو آهي ته ان کي ترتيبوار مختلف شعبن ۾ شروع ڪيو وڃي. ان سلسلي ۾ ٻنهي ادارن جو پاڻ ۾ معاهدو ٿي چڪو آهي ته جيئن مريضن کي علاج جون سهولتون صحت سهولت پروگرام جي ذريعي فراهم ڪري سگهجن. گائني جي شعبي ۾ روزانو 50 نوان ڪيسز رجسٽرڊ ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته برن سينٽر ۽ پلاسٽڪ سرجري جي شعبي کي گڏ ڪيو ويو آهي. هن وقت برن سينٽر ۾ 2 آپريشن ٿيٽر ڪم ڪري رهيا آهن ۽ برن سينٽر جي توسيع جلد شروع ڪئي پئي وڃي ڇو ته سردي ۾ سڙي ويندڙ مريض وڌي وڃن ٿا. اسان ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته مريضن کي هر شعبي ۾ صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهون.