اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ اسلام آباد ۾ قائم مشن جي سربراهن ۽ سفارتڪارن جي هڪ گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڦلگام حملي کانپوءِ اڀرندڙ صورتحال کان آگاهه ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي سيڪريٽري شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس جي نتيجن کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي خلاف ڀارتي غلط معلومات جي مهم کي رد ڪندي چيو ته اهڙي طرح جا حربا خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجندا. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته پاڪستان سدائين دهشتگردي کي ان جي سمورين شڪلين ۽ مظاهر ۾ رد ڪيو آهي. هن ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڀارتي ڪوششن جي خلاف پڻ خبردار ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ڪنهن به مهم جوئي جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي.