اسلام آباد-24 اپريل (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ جيولوجيڪل سروي آف پاڪستان جو دؤرو ڪيو. دؤري دوران اداري جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ۽ـ پاڪستان ۾ معدني وسيلن ۽ هائيڊرو ڪاربان وسيلن جي ڳولا جي امڪانن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪمت عمليءَ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان طرفان جاري پڌرائيءَ موجب دؤري دوران وفاقي وزير کي جي ايس پي جي اعليٰ عملدارن جاري جيولوجيڪل سروي معدني نقشن ۽ معدني وسيلن جي ڳولا جي جاري پروگرامن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي ۽ـ غير استعمال ٿيل قدرتي وسيلن جي نشاندهي ڪرڻ ۾ جي ايس پي جي هاڻوڪي ڪوششن کي ساراهيندي قدرتي وسيلن جي ڳولا ۽ ترقيءَ ۾ جديد تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ عالمي معيار جي مهارت تي زور ڀريو ته جيئن قومي معيشت جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي. وفاقي وزير زور ڀريندي چيو ته دنيا ۾ هاڻي توجهه اهم معدني وسيلن تي آهي، پاڪستان ۾ مائيننگ ۽ـ منرلز جا موقعا ڪنهن به سياسي پارٽي يا فرد کان وڏا آهن، ان وسيلن کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ بدران قومي مفادن ۾ ڪتب آڻڻ ضروري آهي ته جيئن ان سان مقامي ڪميونٽيز ۽ پوري قوم کي حقيقي فائدو پهچائي سگهجي. هن چيو ته جي ايس پي قدرتي وسيلن جي ڳولا ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ حڪومت هن اداري کي جديد اوزارن، سيٽلائيٽ ٽيڪنالاجي ۽ عالمي حصيداريءَ ذريعي مستحڪم بنائڻ لاءِ پُرعزم آهي. وفاقي وزير ان علائقن ۾ جديد سيٽلائيٽ امچنگ سان نقشا سازي جي تيز رفتار عمل کي ساراهيو جيڪي اڳي بنا نقشي جي هئا. ليب لاءِ آءِ ايس او سرٽيفڪيشن لاءِ ڪم جاري آهي. دؤري دوران هن جي ايس پي جي ليبارٽريز ۽ ڊيٽا سينٽرز جو به مشاهدو ڪيو ۽ سائنسدانن سان ملاقات ڪئي. هن خاطري ڪرائي ته پيٽروليم واري وزارت ان سڀني قدمن ۾ مڪمل تعاون فراهم ڪندي ته جيئن قدرتي وسيلن جي ڳولا کي وڌيڪ مؤثر ۽ لاڀائتو بنائي سگهجي. هي دؤرو وزيراعظم پاڪستان جي ان پاليسيءَ جوعملي اهڃاڻ آهي جنهن جو مقصد ملڪ جي قدرتي وسيلن مان فائدو کڻندي توانائي جي آمدني واپار تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۽ سيڙپڪاريءَ کي هٿي ڏيڻ ۽ معيشت کي مستحڪم ۽ پائيدار بنيادن تي آڻڻ آهي.