گڏيل قومون -24 اپريل (اي پي پي ) گڏيل قومن جي سحت کاتي جي هڪ اهلڪار انهن ڪمپنين کي شرڪت جي دعوت ڏني آهي ته جيڪي سياحت جي شعبي ۾ مصنوعي ذهانت استعمال ڪري رهيون آهن . پرڏيهي ميڊيا موجب گلوبل آرٽيفيشل انٽيلي جنس چيلنج اڄ تائين جاري رهندو، ان جو مقصد انهن ڪمپنين جي ساراهه ڪرڻ آهي جيڪي صارفين جي تجربي ۽ پائيداري کي بهتر بنائڻ لاءِ اي آئي جو استعمال ڪري رهيون آهن. رياض ۾ گڏيل قومن جي ٽوئرازم ريجنل آفيس جي ڊائريڪٽر سامرالخرشي چيو ته سياحت جو شعبو تيزي سان بدلجي رهيو آهي جنهن ۾ مصنوعي ذهانت سڀ کان اڳيان آهي جيڪو اسان جي سفر ڪرڻ ، هنڌن کي ڏسڻ ۽ ان شعبي جي اندر ڪم ڪرڻ جي طريقن کي نئين شڪل ڏئي رهيو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو مقابلو انهن جي ڪاروباري ماڻهن کي شرڪت جي دعوت ڏئي ٿو جيڪي پنهنجي سياحتي ڪاروبار ۾ مصنوعي ذهانت جو استعمال ڪري رهياآهن. ان جو مقصد اهڙين ڪمپنين کي ڳولڻ ۽ انهن جي مدد ڪرڻ آهي جيڪي سياحتي تجربي کي بهتر بڻائي رهيون آهن ۽ ان شعبي جي پائيدار ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اهي نيون ڪمپنيون گڏيل قومن جي ٽوئرازم ڊيمو ڊي ۾ پروجيڪٽس پيش ڪنديون ۽ لي روش جي مرڪز سپارڪ ۾ هڪ تربيتي پروگرام ۾ شامل ٿينديون ان کانسواءِ انهن ڪمپينن جو دنيا جي 150 کان به وڌيڪ ملڪن ۾ موجود 90 کان به وڌيڪ سيڙپڪاري فراهم ڪندڙ ادارن ۽ تنظيمن سان رابطا قائم ڪياويندا.