ڪراچي-24 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ سنڌ طاس معاھدي کي معطل ڪرڻ واري ڀارتي قدم جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي تھ سنڌ طاس معاھدي جي معطلي کليل جارحيت ۽ علائقي ۾ امن لاءِ سنگين خطرو آھي، ڀارت پاران سنڌ طاس معاھدي کي معطل ڪرڻ وارو قدم انتھائي چڙ ڏياريندڙ ۽ غير ذميواراڻو آھي. ھڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته معاھدي جي معطلي عالمي قانون جي سخت ڀڃڪڙي ۽ علائقي ۾ جاري امن جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ جي ڄاڻي واڻي ڪوشش آھي، ڀارت ماضي ۾ به عالمي دورن ۽ اھم موقعن تي فالس فليگ آپريشنز جو سھارو وٺندو آيو آھي ته جيئن دُنيا جو ڌيان سندس اصل ظلمن ۽ ناانصافين تان ھٽائي سگھي.سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ پاڪستان دھشتگردي خلاف عالمي مھم جو سڀني کان اثرائتو ۽ متحرڪ حصو رھيو آھي، اسان دھشتگردي خلاف جنگ ۾ ھزارين شھرين ۽ سڪيورٽي اھلڪارن جي جانين جو نذرانو پيش ڪيو، اي پي ايس جھڙن جيءُ جھوريندڙ سانحن کان وٺي عظيم قائد شھيد محترمه بينظير ڀٽو جي جان جي نذراني سميت اسان جي قربانين جي ڊگھي فھرست آھي.ھن چيو تھ سنڌ طاس معاھدي جي معطلي رڳو ھڪ آبي تڪرار نھ پر ھي ھڪ واضح پيغام آھي تھ ڀارت علائقي ۾ طاقت جي زور تي جنگ طرف وڌي رھيو آھي، پاڪستان ھن اشتعال انگيزي کي ھرگز برداشت نھ ڪندو، ڀارتي قدم اخلاقي ڏيوالپڻي جي علامت آھي. ھن چيو تھ عالمي طاقتون، گڏيل قومون ۽ انساني حقن جو تنظيمون ڀارت جي ھن سنگين ڀڃڪڙي جو نوٽيس وٺن