اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس شروع ٿي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اعليٰ سول ۽ عسڪري قيادت شريڪ آهي. قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ڀارتي حڪومت جي گذريل ڏينهن جي قدمن جي ڏس ۾ طلب ڪيو ويو آهي.