غزه سٽي-24 اپريل (اي پي پي) غزه ۾ اسرائيلي فضائي حملن ۾ 25 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا مقامي سول ڊفينس جي حوالي سان ٻُڌايو آهي ته ڪالهه اُتر غزه ۾ هڪ گهر تي اسرائيلي فضائي حملي ۾ هڪ ئي ڪٽنب جا 6 ماڻهو شهيد ۽ سندن گهر تباهه ٿي ويو. غزه ۾ انڊونيشيا جي اسپتال جي بيان موجب اُتر غزه جي علائقي جباليه ۾ هڪ اڳوڻي پوليس اسٽيشن تي حملي ۾ 9 فلسطيني شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، جڏهن ته هڪ خيمي تي فضائي حملي ۾ 5 فلسطيني شهيد ٿيا جن اتي پناهه ورتي هئي. سول ڊفينس بيان ۾ چيو ته وچ غزه جي ڳوٺ ۾ اسرائيلي فضائي حملي ۾ هڪ ٻار سميت 3 ڄڻا ۽ ڏاکڻين شهر خان يونس ۾ هڪ گهر تي حملي ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا. غزه جي صحت واري وزارت موجب اسرائيل 18 مارچ کان غزه ۾ پنهنجون فوجي ڪارروايون ٻيهر شروع ڪيون آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 1978 فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جڏهن ته جنگ ڪرڻ کانپوءِ هاڻ تائين شهيدن جو مجموعي انگ 51355 ٿي ويو آهي.