بيجنگ-24 اپريل (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا سان ٽيرف معاملي تي معاهدو ته پري جي ڳالهه مشاورت يا ڳالهيون ئي نه ڪيون آهن. پرڏيهي خابروا داري موجب چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان گوجيان ڪون ڪالهه نيوز بريفنگ دوران آمريڪا طرفان هاڻوڪين خبرن جي جواب ۾ چئي. جنهن ۾ چيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهيون ٿي رهيون آهن ۽ جلدئي ٽيرف بابت معاملن تي ڪنهن به معاهدي تي پهچي سگهون ٿا. ترجمان چيو ته هي سڀ ڪوڙيون ڳالهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته هي آمريڪا آهي جنهن چين سان ٽيرف وار شروع ڪئي آهي ۽ـ چين جو رويو مستقل ۽ واضح آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي وڙهڻو پيو ته اسان وڙهنداسين ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪرڻ چاهي ٿو ته اسان جا دروازا کُليل آهن. هن وڌيڪ چيو ته چين صرف برابري، احترام ۽ گڏيل فائدي تي ٻَڌل ڳالهه ٻولهه ڪرڻ چاهي ٿو.