اسلام آباد – 24 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جمهوريه ازبڪستان جي پرڏيهي وزير سيدوف بختيور اوديلووچ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس ڪابل ۾ ازبڪستان – افغانستان – پاڪستان ريلوي لائين منصوبي جي حوالي سان پنهنجي تازي ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٽئي ملڪ ان اهم علائقائي رابطي جي منصوبي جي لاءِ جلد ئي فريم ورڪ معاهدي تي صحيحون ڪندا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ، اقتصادي ۽ واپاري رابطا وڌائڻ، عوام سان عوام جي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ ۽ موجوده علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.