واشنگٽن-24 اپريل (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ چين، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي مستقل حمايت کي ساراهيندي اقتصادي سڌارن جي پروگرام جي ڀرپور حمايت تي سندن ملڪ جو ٿورو ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ اقتصادي سڌارن جو عمل جاري رهندو. عورتن ۽ ٻارڙين جي تعليم، مالي شموليت، ڪاروباري موقعن ۽ کين بااختيار بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل آهي. هن اهڙو اظهار گذريل ڏينهن واشنگٽن ڊي سي ۾ آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ جي بهار جي موسم جي اجلاس جي موقعي تي چين، سعودي عرب، يو اي اي، ترڪيه جي ناڻي وارن وزيرن، هالينڊ جي راڻي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقاتن دوران ڪيو. چين جي ناڻي واري وزير لان فوان سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير پنهنجي چين جي هم منصب سان جولاءِ 2024ع ۾ بيجنگ ۾ ٿيل گذريل ملاقات جو ذڪر ڪيو ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ چين جي مستقل حمايت کي ساراهيو، ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف توسيعي فنڊ سهولت پروگرام تحت پاڪستان ۾ سڌارن جي پروگرام جي ڀرپور حمايت ڪئي. چين جي حڪومت جو ٿورو مڃيو. ناڻي واري وزير چيني هم منصب کي پاڪستان ۾ ٽيڪس، توانائي، نجڪاري، سرڪاري ماليات ۽ سرڪاري ادارن ۾ ڪيل اهم سڌارن کان آگاهه ڪيو. هن چيني هم منصب کي پانڊا بانڊ جي تازي صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پيپلز بئنڪ آف چائنا کان سهڪار جي درخواست پڻ ڪئي. هن چين جي ناڻي واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. سعودي عرب جي ناڻي واري وزير محمد الجدعان سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي سفر ۾ سعودي عرب جي مسلسل حمايت کي ساراهيو، هن خاص طور تي آءِ ايم ايف پروگرام ۾ سهڪار تي سندس ٿورو ادا ڪيو. ناڻي واري وزير پاڪستان ۾ سعودي سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ۽ حڪومت جي سڌارن واري ايجنڊا تي عمل ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستاني ناڻي واري وزير، سعودي جي ناڻي واري وزير کي پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت پڻ ڏني. ناڻي واري وزير گڏيل عرب امارات جي مالي معاملن بابت مملڪتي وزير محمد بن هادي الحسيني سان ملاقات ڪئي. هن گڏيل عرب امارتن جي هم منصب کي پاڪستان جي معاشي اهڃاڻن، ڪريڊٽ ريٽنگ جي عالمي ايجنسي فچ طرفان پاڪستان جي خودمختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ حڪومت جي نجڪاري جي ايجنڊا کان آگاهه ڪيو، هن ٻڌايو ته پاڪستان آءِ ايم ايف جي توسيعي فنڊ سهولت پروگرام تحت پهرين جائزي ۽ ريزيلينس اينڊ سسٽين ايبلٽي فيسلٽي تحت اسٽاف سطح جو نئون معاهدو ڪيو آهي، هن حڪومتي ۽ ڪاروباري سطح تي گڏيل عرب امارات جي سيڙپڪارن جي دلچسپي کي ساراهيو ۽ مفاهمتي يادداشتن کي عملي معاهدن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ڪرپٽو ڪرنسي جي ضابطه ڪار بابت گڏيل عرب امارتن جي تجربي مان فائدو حاصل ڪرڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ناڻي واري وزير گڏيل عرب امارتن جي ماليات واري وزير کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. ايشين انفرا اسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي صدر جن ليڪون سان ملاقات ۾ ناڻي واري وزير پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي لاءِ بئنڪ جي ڊگهي مدي واري سهڪار تي ٿورو ادا ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ جاري مستقبل جي ترقياتي منصوبن لاءِ بئنڪ جي مالي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير موجوده ڪلينڊر سال دوران پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ لاءِ حڪومت جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ بئنڪ سان رابطن کي موجوده رفتار سان جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير ايس اينڊ پي گلوبل جي ٽيم سان به ملاقات ڪئي. ناڻي واري وزير هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ايس اينڊ پي گلوبل جي پاڪستان آمد جي آجيان ڪئي ۽ وفد کي ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال، مالياتي استحڪام جي قدمن ۽ معيشت جي اهم اڳڀرائين کان آگاهه ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته فچ ريٽنگ طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري حڪومت جي ڍانچيوار سڌارن جي ايجنڊا تي عالمي اعتماد ۽ ملڪي معيشت تي سيڙپڪاري جي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي، ناڻي واري وزير اميد ظاهر ڪئي ته ايس اينڊ پي گلوبل به پاڪستان جي ريٽنگ کي فچ ريٽنگز وانگر بهتر بڻائڻ تي غور ڪندو. ناڻي واري وزير نيڌرلينڊ جي ناڻي ميڪسيما سان به ملاقات ڪئي. هن راڻي کي پاڪستاني عورتن جي مالي شموليت بابت اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو جنهن ۾ عالمي حصيدارن جي مدد سان نيشنل فنانشل انڪلوزن اسٽريجي لاڳو ڪرڻ جو خاص ذڪر ڪيو ويو، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته عورتن ۽ ٻارڙين جي تعليم، مالي شموليت، ڪاروباري موقعن ۽ کين بااختيار بڻائڻ حڪومت جي پهرين ترجيحن ۾ شامل آهن. ناڻي واري وزير ڊجيٽل پهچ کي وڌائڻ ۽ ادارن وچ ۾ ڊيٽا جي مٽاسٽا جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مالي شموليت جي ڪوششن کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهجي. سينيٽر محمد اورنگزيب ترڪيه جي ناڻي واري وزير محمت شمشيڪ سان ملاقات ڪئي. ناڻي واري پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي ۽ ڀائراڻي لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي وسيع گنجائش تي زور ڀريو. هن ان ڳالهه تي اعتراف ڪيو ته موجوده واپاري ۽ سيڙپڪاري جي سطح ٻنهي ملڪن جي صلاحيت کان گهٽ آهي. هن ترڪيه جي سيڙپڪارن ۽ واپارين کي پاڪستان جي ڊيري، پنير ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو حاصل ڪرڻ جي دعوت ڏني. ناڻي واري وزير ترڪيه جي حڪومت جي هاءِ ٽيڪ شعبن ۾ جدت ۽ ويليو ايڊيشن کي هٿي ڏيڻ جي پاليسي کي به ساراهيو.