اسلام آباد-23 اپريل (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه چيو آهي ته يونيورسل سروسز فنڊ تحت 161 منصوبا، 4400 موبائيل ٽاورز ۽ 17 هزار 200 ڪلوميٽر آپيٽڪل فائبر ذريعي 37 ملين ماڻهن کي ڊجيٽل سروسز فراهم ڪئي وئي، سمارٽ فون فار آل پاليسي آخري مرحلي ۾ آهي، آءِ ٽي واري وزارت عورتن کي هر سطح تي سپورٽ فراهم ڪري ٿي، برابري جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشان آهيون. اهڙو اظهار هن خميس ڏينهن يو ايس ايف جي اهتمام هيٺ آءِ سي ٽي عورتن جي عالمي ڏينهن تي گرلز ان آءِ سي ٽي فار انڪلوسيو ڊجيٽل ٽرانسفارميشن جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، هن چيو ته آءِ ٽي انڊسٽري کي هٿي وٺرائڻ ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۾ يو ايس ايف جو اهم ڪردار آهي. يونيورسل سروسز فنڊ تحت 161 منصوبا، 4400 موبائيل ٽاورز ۽ 17 هزار 200 ڪلوميٽر آپيٽڪل فائبر ذريعي 37 ملين ماڻهن کي ڊجيٽل سروسز فراهم ڪيون ويون. هن سال وزيراعظم يو ايس ايف کي 23 ارب روپين جو بجيٽ ڏنو آهي، وفاقي وزير چيو ته يو ايس ايف عورتن، اسٽارٽ اپس، فري لانسرز، سوشل ميڊيا انفلوائنسز کي ڊجيٽل دنيا سان ڳنڍڻ ۾ مدد ڪري رهيو آهي، عورتن جي اڳواڻي ۾ ٽيڪ وينچرز عالمي پليٽ فارمز تي مشهوري ماڻي ورتي آهي، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي دور ۾ 12 لک کان وڌيڪ ليپ ٽاپ نوجوانن کي ڏنا آهن، شزه فاطمه خواجه چيو ته سمارٽ فونز فار آل پاليسي آخري مرحلي ۾ آهي ڪوشش آهي ته گهر گهر انٽرنيٽ جي سهولت فراهم ڪريون، انٽرنيٽ ۽ سمارٽ فونز عورتن کي تعليم ۽ ڊجيٽل اسڪلز حاصل ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪندا، هن چيو ته ڊي جي اسڪلز پروگرام تحت 45 لک ماڻهن کي آن لائن فري لانسنگ سکيا ڏني وئي آهي. وزارت عورتن کي هر سطح تي سپورٽ ڪري ٿي. برابري جو ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. ان موقعي تي چيف ايگزڪيٽو آفيسر يو ايس ايف چوڌري مدثر نويد چيو ته آءِ ٽي جي وفاقي وزير ۽ بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي هدايت موجب منصوبن لاءِ فيلڊ ۽ فني ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، يو ايس ايف چئن صوبن جي 20 ضلعن لاءِ 16 نون منصوبن جا ٽينڊر جاري ڪيا آهن، تقريب ۾ آءِ ٽي اينڊ ٽيلي ڪام يو ايس ايف جي سينئر عملدارن، پارلياماني سيڪريٽري سبين غوري ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر شرميلا فاروقي پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته تقريب ۾ تعليمي ماهرن، انٽر پرينيورز، جاز ، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام انڊسٽري جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.