انقره – 23 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪيه هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زراعت، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ اسلام آباد ۾ طئي ٿيندڙ 25 معاهدن تي عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات تي خوشي ٿي. هو ترڪيه جي عوام جي دلين ۾ رهي ٿو، سندس ڪيترن ئي سالن جي سياسي جدوجهد ترڪيه کي مضبوط معيشت ۽ ترقي پسند معاشري ۽ دنيا جي بااثر ملڪن ۾ شامل ڪيو، اسان سندس ۽ سندس گهرواريءَ جا پاڪستان جي دوري تي ٿورائتا آهيون، 2010ع جي ٻوڏ جي موقعي تي هن بحالي جي ڪمن، موبائيل اسپتالن سميت ٻين قدمن ذريعي ڀرپور مدد ڪئي. هن ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو ۽ 2022ع ۾ ٻوڏ دوران پڻ ترڪيه سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻوڏ متاثرين جي ڀرپور مدد ڪئي، ٻوڏ سبب سوين گهر تباهه ٿيا ۽ فصلن کي نقصان پهتو، ان همدرديءَ ۽ مدد تي ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سندس دوري سان ستين اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل ۾ ڪيل فيصلن خاص طور تي توانائي، آءِ ٽي، انفراسٽرڪچر، معدنيات ۽ زراعت سميت ٻين شعبن ۾ تعاون ۾ تيزي سان عملدرآمد ۾ مدد ملندي. هن چيو ته اسان جي گڏيل ڪوششن سان گڏيل طور تي طئي ٿيل ٻطرفو واپاري ڪاٿو 5 ارب ڊالر تائين وٺي وڃڻ ۾ مدد ملندي، دفاعي تعاون پاڪ ترڪيه لاڳاپن ۾ اهم حيثيت رکي ٿو، اسان جي دهشتگردي جي خاتمي جي ڪوششن ۾ ترڪيه جي تعاون تي ٿورائتا آهيون. وزيراعظم چيو ته تازو ئي بلوچستان ۾ دهشتگردن جعفر ايڪسپريس ٽرين تي حملو ڪري معصوم مسافرن کي نشانو بڻايو، حملي آور دهشتگرد ماريا ويا انهن جي پٺيان بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي جو هٿ آهي، اسان گڏيل ڪوششن سان دهشتگردي جي ان لعنت جو خاتمو ڪري سگهون ٿا، ان سان نه رڳو پاڪستان ۽ ترڪيه پر سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته اسان گڏيل طور تي وچ اوڀر جي اڀرندڙ صورتحال سميت علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي، مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد وقت جي ضرورت آهي. غزه جي خراب ٿيندڙ صورتحال ۽ فلسطينين تي بي رحماڻي ظلم جي مذمت ڪريون ٿا. عورتن ۽ ٻارن سميت 50 هزار کان وڌيڪ معصوم فلسطينين کي قتل ڪيو ويو آهي. فوري طور تي جنگبندي ڪئي وڃي ۽ فلسطينين جي لاءِ انساني امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، اسان اهڙي فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جي حمايت جو ورجاءُ ڪريون ٿا جيڪا 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي ٻڌل هجي ۽ ان جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، اهو فلسيني عوام جي مسئلن جو واحد ۽ منصفاڻو حل آهي جيڪو گڏيل قومن ۽ سلامتي تعاون تنظيم جي قراردادن موجب هجي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل قومن سميت عالمي فورم تي تعاون موجود آهي، منهنجي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري ۽ مضبوط لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي. ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي وفد جي ترڪيه ۾ آجيان ڪريون ٿا، فيبروري ۾ اعليٰ اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اسلام آباد جو دورو ڪيو، گڏيل رابطا مضبوط مذهبي دوستاڻي لاڳاپن جي علامت آهن. ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۽ عالمي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي. پاڪستان ۾ دهشتگرد حملن ۾ شهيد ٿيندڙن جي پونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا. هر قسم جي دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پاڪستان جي دوري ۾ 25 معاهدن تي صحيحون ٿيون. ٻئي ملڪ واپار، زراعت، توانائي، ثقافت، بئنڪنگ، صحت جي شعبن ۾ معاهدن تي صحيحون ڪيون، اسلام آباد ۾ طئي ٿيندڙ ٺاهن تي ترڪيه ۾ عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي.