انقره – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. هنن خطي ۾ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي انقره جي سرڪاري دوري دوران جمهوريه ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ پراڻي ڀائراڻي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو. وزيراعظم خاص طور تي گڏيل منصوبن ۽ ٻطرفي سيڙپڪاري جي ذريعي اقتصادي تعاون وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ توانائي، کاڻين جي کوٽائي، دفاع، زرعي پيداوار جي گڏيل منصوبن، واپار ۽ عوامي مٽاسٽا جي فروغ، علائقائي ۽ ٻطرفي رابطن ۾ اضافي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جهڙي اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي حوالي سان تعاون جا موقعا اجاگر ڪيا. ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي اڳواڻن 13 فيبروري 2025ع تي اسلام آباد ۾ منعقد ستين اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جي فيصلن جي حوالي سان اڳڀرائي جو جائزو ورتو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گهڻ رخي ٻطرفي تعاون جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ صدر رجب طيب اردوان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ قومي مفاد جي معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اڳواڻن غزه ۾ انساني صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي ۽ متاثر آبادي کي انساني امداد جي فراهمي تي زور ڏنو. صدر اردوان فلسطين جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ انساني امداد کي ساراهيو. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پاڪستاني وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص معاون طارق فاطمي ۽ ترڪيه ۾ پاڪستان جو سفير ڊاڪٽر يوسف جنيد شامل هئا. صدر اردوان وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ساڻس گڏ آيل وفد جي اعزاز ۾ آجياڻو پڻ ڏنو.