انقره – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ واپار، ٽيڪنالاجي، دفاع، توانائي ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ گڏيل فائديمند تعاون جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته انقره ۾ پنهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان سان ملي خوشي ٿي. ترڪيه کي مسلسل ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ سندس قيادت ۽ دورانديشي کي ساراهيو. هن چيو ته اسان فيبروري ۾ سندس پاڪستان جي تاريخي دوري دوران ڪيل فيصلن تي تيزي سان عملدرآمد جو جائزو ورتو. اسان واپار، ٽيڪنالاجي، دفاع، توانائي ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ گڏيل طور تي فائديمند تعاون جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. هن چيو ته جامع پاڪستان – ترڪيه اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دائرو وڌيڪ مضبوط ۽ گهرو ٿيندو.