انقره – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پاڪستان واپس روانو ٿي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ترڪ دفاع واري وزير يشار گيولر، پاڪستان ترڪيه ڪلچرل ايسوسيئيشن جي صدر برهان قاياترڪ، پاڪستان جي ترڪيه ۾ سفير يوسف جنيد، ترڪيه حڪومت جي اعليٰ عملدارن ۽ انقره ۾ مقرر پاڪستاني سفارتڪارن انقره جي هوائي اڏي تي وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد کي رخصت ڪيو.